115

ڪورونا پابندين ۾ نرمي، تعليمي ادار 16 سيپٽمبر تي کولڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪورونا پابندين ۾ نرمي، تعليمي ادار 16 سيپٽمبر تي کولڻ جو اعلان، 78 ڄڻا فوت، 2580 ڪيس ظاهر، ان سلسلي ۾ ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 78 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 2580 نوان ڪيس سامهون اچي ويا آهن، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 47 هزار 419 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 2580 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته وڌيڪ 78 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، مثبت ڪيسن جي شرح ساڍا 5 سيڪڙو رهي، ڪورونا سبب فوتين جو انگ 26865 ٿي چڪو آهي،  هوڏانهن سنڌ ۾ ڪورونا سبب  15 مريض فوت ٿي ويا، جڏهن ته 703 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 15728 نمونن جي جاچ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 703 نوان ڪيس سامهون آيا، ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 4.5 سيڪڙو رڪاد ڪئي وئي، حيدرآباد ۾ 132، سانگهڙ ۾ 32، خيرپور ۾ 26، ٿرپارڪر ۾ 19، ڄامشورو ۽ ٽنڊو محمد ۾ 17-17، شڪارپور ۽ سکر ۾ 16-16، شهيد بينظير آباد ۾ 15، بدين ۽ دادو ۾ 14-14، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي ۾ 12-12، جيڪب آباد ۾ 7، ڪشمور ۽ ميرپورخاص ۾ 6-6، قمبر، ٺٽو ۽ نوشهروفيروز ۾ 1-1 ڪيس ظاهر ٿيو آهي، ٻئي طرف اين سي او سي ڪورونا پابندين ۾ نرمي جو اعلان ڪندي ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا 16 سيپٽمبر کان 50 سيڪڙو حاضري سان کولڻ جو اعلان ڪيو آهي، اين سي او سي سربراهه اسد عمر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ اهم فيصلا پڻ ڪيا ويا، اين اي او سي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب تعليمي ادارا 50 سيڪڙو حاضري سان کوليا ويندا، مارڪيٽون رات 10 وڳي تائين کليل رهنديون، جڏهن ته رات 12 وڳي تائين ان ڊور ۽ آئوٽ ڊور ڊائننگ جي اجازت هوندي، وئڪسينيٽڊ ماڻهن سان 200 ڄڻن کي ان ڊور تقريب جي اجازت ۽ آئوٽ ڊور تقريب ۾ 400 ڄڻا شرڪت ڪري سگهندا، آفيس ۾ مڪمل حاضري ۽ نارمل وقت لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سينيما گهر، ڪراٽي باڪسنگ، ڪٻڊي ۽ واٽر اسپورٽس بند رهندا، جڏهن ته جم  وئڪسينيٽڊ ماڻهن جي لاءِ 50 سيڪڙو صلاحيت سان لکيل رهنديون، ٽرين 70 سيڪڙو مسافرن سان هلندي، ٻاهرين ملڪن ڏانهن پاڪستان ايندڙن لاءِ سفري پابنديون برقرار رکيون ويون آهن، ٻئي طرف تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمورا تعليمي ادار کولڻ جو اعلان ڪيو ويو، وفاقي وزير چيوته 16 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کي ويندا، فيل ٿيل شاگردن کي رعايتي 33 نمبر ڏئي پاس ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو