225

ڪپهه جي پيداوار جي لحاظ کان سانگهڙ ضلعو پهرين نمبر تي برقرار

ملتان (ويب ڊيسڪ) ڪپهه جو فصل لهڻ کانپوءِ سنڌ جو سانگهڙ ضلعو پيداوار جي لحاظ کان بدستور پهرين نمبر تي آهي. 15 نومبر 2020ع تائين سنڌ جي سانگهڙ ضلعي جي جننگ فيڪٽرين ۾ 7 لک 63 هزار 545، پنجاب جي بهاولنگر ضلعي ۾ 5 لک 39 هزار 719 ڳٺڙين ڪپهه  پهتي، جڏهن ته رحيم يار خان ضلعي جي جننگ فيڪٽرين ۾ 3 لک 81 هزار 848 ڳٺڙيون ڪپهه پهتي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو