210

گھوٽڪي ڀرسان بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان گهر کي باهه، هڪ عورت سڙي فوت، 4 ڄڻا زخمي

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) گھوٽڪي ڀرسان بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان گهر کي باهه لڳي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق گهوٽڪي ڀرسان شهري اسد الله سومرو جي گهر کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان اوچتو باهه لڳي وئي، رڙين تي پاڙيوارا پهچي ويا ۽ فائربرگيڊ کي اطلاع ڏنو ويو. باهه لڳڻ سبب گهر ۾ ستل 5 گهر ڀاتي سڙي زخمي ٿي پيا، جن کي گهوٽڪي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، سڙي زخمي ٿيلن ۾ اسد الله سومرو، منظور، نعمت الله، عاليا ۽  روشنا سومرو شامل آهن، زخمين مان هڪ عورت روشنا خاتون دم ڏنو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو