لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگي اڳواڻ احسن اقبال جو چوڻ آهي ته 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ رٿيل جلسو ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو هوندو، جنهن کي نواز شريف به خطاب ڪندو. رائيونڊ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم جو ايندڙ پڙلاءُ اسلام آباد ۾ ٿيندو، جنهن سان حڪومت لڙهي ويندي. هن چيو ته پي ڊي ايم سياسي نه قومي تحريڪ بڻجي وئي آهي، بيوقوف ۽ نالائق حڪومت جو وڃڻ ضروري آهي، جيڪڏهن ملتان جيان لاهور ۾ وٺ پڪڙ شروع ڪئي وئي ته پورو لاهور جلسي گاهه بڻجي ويندو.
