148

20 ڪروڙ عوام مان 20 رانديگرن ۾ چونڊجڻ ئي اعزاز واري ڳالهه آهي: سلمان آغا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز لاءِ پاڪستان جي 20 رڪني اسڪواڊ ۾ چونڊيل نوجوان ڪرڪيٽر سلمان علي آغا جو چوڻ آهي ته 20 ڪروڙ عوام مان 20 رانديگرن ۾ چونڊجڻ ئي مون لاءِ وڏي اعزاز جهڙي ڳالهه آهي. قومي ٽيم ۾ سليڪٽ ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا سان آن لائين ڳالهائيندي 27 ورهين جي سلمان علي آغا جو چوڻ آهي ته جڏهن ساٿي ڪرڪيٽر عدنان اڪمل ٻڌايو ته اوهان جو نالو ٽيم ۾ اچي ويو آهي ته ان وقت مذاق لڳو، جڏهن ٽي وي کولي ڏٺي ته شروع ۾ ته يقين ئي نه پئي آيو. هن چيو ته ڊوميسٽڪ ۾ پرفارمنس جو سلو ملڻ سان ئي هر ڪرڪيٽر جي حوصلا افزائي ٿيندي ته هاڻي کين ڪارڪردگي جو انعام ضرور ملندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سٺي فارم ۾ آهيان، جيڪڏهن موقعو مليو ته ڪوشش ڪندس ته ٽيسٽ سيريز ۾ به ان فارم جي سلسلي کي جاري رکان.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو