27

2017ع جي آدمشماري ۾ سنڌ جا شهر وار انگ اکر

ليکڪ: اسحاق سومرو

2017ع جي آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي 4 ڪروڙ 78 لک 54 هزار 510 ڏيکاري وئي آهي، جيڪا 1998ع ۾ 3 ڪروڙ 4 لک 39 هزار 893 هئي، جنهن ۾ هڪ ڪروڙ 74 لک 46 هزار 158 فردن جي واڌ ٿي آهي، جيڪا 1998ع جي آدمشماري ۾ 57.03 سيڪڙو رڪارڊ واڌ آهي، جيڪا صوبي سنڌ ۾ آئي آهي. آبادي ۾ ڪراچي ڊويزن پهرين نمبر تي، حيدرآباد ٻئي، لاڙڪاڻو ٽئين، سکر چوٿين، شهيد بينظيرآباد پنجين ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي آبادي ڇهين نمبر تي آهي. 2017ع جي آدمشماري ۾ سنڌ جون 15 اهڙيون ميونسپل ڪارپوريشنون ۽ ميونسپل ڪاميٽيون آهن جن جي آبادي 5 لک يا ان کان وڌيڪ آهي، جن ۾ 13 ميونسپل ڪارپوريشنز ڪراچي شهر جون آهن، باقي 2 حيدرآباد سٽي ۽ لطيف آباد ميونسپل ڪارپوريشن آهن. سنڌ جو ٻيو اهڙو ڪوبه شهر نه آهي جنهن جي آبادي 5 لک ظاهر ٿي هجي. سنڌ جي سڀ کان وڏي ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشن ڪورنگي آهي، جنهن جي آبادي 10 لک 71 هزار 514 آهي. حيدرآباد سٽي ميونسپل ڪارپوريشن جي آبادي 6 لک 73 هزار 91 ۽ لطيف آباد ميونسپل ڪارپوريشن جي آبادي 6 لک 61 هزار 304 آهي، ٻن لکن کان پنجن لکن تائين سنڌ ۾ ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ميونسپل ڪاميٽيز جو تعداد 17 آهي، انهن ۾ 11 ڪراچي شهر ۽ 6 سنڌ جي ٻين شهرن جون آهن، جن ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏي لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن آهي، جتان جي آبادي 4 لک 88 هزار 6 آهي، جنهن کانپوءِ ترتيبوار قاسم آباد (حيدرآباد) 2 لک 99 هزار 460، نوابشاهه ميونسپل ڪارپوريشن 2 لک 79 هزار 338، نيو سکر ميونسپل ڪارپوريشن 2 لک 68 هزار 942، ميرپورخاص ميونسپل ڪارپوريشن 2 لک 34 هزار 133، سکر (سٽي) ميونسپل ڪارپوريشن 2 لک 31 هزار 459 آهي، هڪ لک کان ٻن لکن تائين سنڌ ۾ 19 ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ميونسپل ڪاميٽيز آهن. ڪراچي شهر ۾ 15 باقي 4 سنڌ جي ٻين شهرن جون آهن، جن ۾ سڀ کان وڏي شڪارپور ميونسپل ڪاميٽي آهي، جتان جي آبادي هڪ لک 96 هزار 158 آهي. جيڪب آباد ميونسپل ڪاميٽي هڪ لک 91 هزار 98 ماڻهن تي مشتمل آهي. خيرپور ميونسپل ڪاميٽي جي آبادي هڪ لک 83 هزار 120، دادو ميونسپل ڪاميٽي هڪ لک 71 هزار 319، ٽنڊوالهيار ميونسپل ڪاميٽي هڪ لک 62 هزار 26، ٻولهاڙي ميونسپل ڪاميٽي جي آبادي هڪ لک 58 هزار 239، ٽنڊوآدم ميونسپل ڪاميٽي هڪ لک 52 هزار 25، عمرڪوٽ ميونسپل ڪاميٽي جي آبادي هڪ لک 34 هزار 196، شهدادڪوٽ ميونسپل ڪاميٽي هڪ لک 18 هزار 935، بدين ميونسپل ڪاميٽي هڪ لک 12 هزار 393، گهوٽڪي ميونسپل ڪاميٽي هڪ لک 11 هزار 398، ٽنڊومحمدخان ميونسپل ڪاميٽي جي آبادي هڪ لک هڪ هزار 868، ڪوٽڙي ميونسپل ڪاميٽي جي آبادي هڪ لک هڪ هزار 124، قمبر ميونسپل ڪاميٽي جي آبادي هڪ لک 970، ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪاميٽي جي آبادي هڪ لک 850 آهي، هڪ لک کان ٻن لک آبادي وارن مٿين شهرن ۾ ڪوٽڙي، ٻولهاڙي، ٽنڊوآدم ۽ قمبر اهڙا شهر آهن جيڪي ضلعي هيڊ ڪوارٽر وارا شهر نه آهن. 2017ع جي آدمشماري ۾ 50 هزا کان هڪ لک جي وچ ۾ آبادي وارا جيڪي شهر اچن ٿا انهن جو تعداد 27 آهي، جن ۾ 6 ڪراچي ۽ حيدرآباد جون ميونسپل ڪاميٽيون، ڪينٽونمينٽ ايريا شامل آهن، باقي 20 ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽيون سنڌ جي ٻين ضلعن جون آهن، جن ۾ شهدادپور ميونسپل ڪاميٽي جي آبادي 99 هزار 667، مورو ميونسپل ڪاميٽي 95 هزار 448، سانگهڙ ميونسپل ڪاميٽي 75 هزار 209، ٽنڊوڄام ميونسپل ڪاميٽي 71 هزار 760، سيوهڻ ٽائون ڪاميٽي 66 هزار 898، سڪرنڊ ٽائون ڪاميٽي 65 هزار 825، ٺٽو ميونسپل ڪاميٽي (ضلعي هيڊڪوارٽر) 54 هزار 637، گمبٽ ميونسپل ڪاميٽي 52 هزار 617 آبادي وارا شهر آهن. ان کان سواءِ 50 هزار کان هڪ لک جي آبادي رکندڙ شهرن ۾ ترتيبوار ڏهرڪي، پنوعاقل، ميرپورماٿيلو، ٺل، روهڙي، رتوديرو، ماتلي، ميهڙ، ڪشمور، محرابپور، هالا ۽ کپرو شامل آهن، 25 هزار کان 50 هزار آبادي وارن ظاهر ٿيل 55 شهرن ۾ مٺي ميونسپل ڪاميٽي (ضلعي هيڊڪوارٽر) جي آبادي 47 هزار 135، نوشهروفيروز (ضلعي هيڊڪوارٽر) ٽائون ڪاميٽي جي آبادي 38 هزار 204، سجاول ٽائون ڪاميٽي (ضلعي هيڊ ڪواٽر) جي آبادي 35 هزار 308، ڄامشورو ٽائون ڪاميٽي 32 هزار 786 آبادي وارو شهر آهن، ان کانپوءِ نئون ديرو ميونسپل ڪاميٽي، ڪنگري (پيرجوڳوٺ)، مڪلي، اٻاوڙو، خيرپور ناٿن شاهه، جاتي، ڀٽ شاهه، ڪنڊيارو، چونڊڪو، وارهه، نصيرآباد، ڪوٽڏجي، ڀان سيد آباد، ٽنڊو جان محمد، گهارو، ڊگهڙي، ٽنڊو غلام علي، غوثپور، نصرپور، شاهپورچاڪر، شهيد فاضل راهو (گولاڙچي)، ٽنڊو غلام حيدر، راڻيپور، پڪا چانگ، جهڏو، ٻانڌي، سوڀوديرو، فقيرآباد، سيتاروڊ، خانڳڙهه، مٺياڻي، سيٺارجا، هنڱورجا، ڪوٽ غلام محمد، جوهي، راڌڻ، دوڙ، ڍورونارو، ڪنري، تلهار، قبوسعيدخان، کوسڪي، نئون ڪوٽ، صالح پٽ، پريالوءِ ۽ پڊعيدن شامل آهن، 10 هزار کان 25 هزار آبادي رکندڙ سنڌ جي ٽائون ڪاميٽين ۾ خانپور جي آبادي 24 هزار 919، ڀريا روڊ 24 هزار 741، گڊو 24 هزار 537، ان کانسواءِ مٽياري ٽائون ڪاميٽي (ضلعي هيڊ ڪوارٽر) جي آبادي 21 هزار 220 ڄاڻائي وئي آهي، ٻين ٽائون ڪاميٽين جو درجو رکندڙ شهرن ۾ ترتيب وار جيڪي شهر اچن ٿا تن ۾، قاضي احمد، کهڙا، پنوعاقل، ٺري ميرواهه، ٽنڊوميرعلي، لکي، هالاڻي، ڇاڇرو، ٺاروشاهه، ٺيڙهي، ڏوڪري، احمدپور، جهول، ميروخان، هوسڙي، بهرام، نيوسعيدآباد، راڄوخاناڻي، ميرواهه، آريجا، ڇور پراڻو، مدئجي، سنجهورو، ڪڙيو گهنور، ٻيراڻي، اسلام ڪوٽ، سنجرچانگ، دولتپور، پيارو لنڊ، چمبڙ، چوهڙ جمالي، سرهاري، ٽنڊوباگو، اڳڙا، ڄام صاحب، ڪنب، هنـڱورنو، بوزداروڏا، سلطان آباد، ڳڙهي ياسين، بڇيري، ڪنڌرا، وڳڻ، گاجي کهاوڙ، کڏڙو، ٿاڻو بولاخان، چڪ، ٿرڙي محبت، ڳاڙهو، ڀريا سٽي، ڪرمپور، ٻٻرلوءِ، پنڱريو، ڏيپلو، هالاپراڻا، عادلپور، سن، ڳڙهي خيرو، سهراب خان سرڪي، تنگواڻي، جاتي، ٺيڙهي 2، دريا خان مري، ننگرپارڪر، اڏيرولعل اسٽيشن، ڳيريلو، ڦلجي، نبي سر، چيلهار، دڙو، ڪڍڻ، ميرپوربٺورو، بخشاپور، ڪرونڊي، خيبر ۽ ميرپورساڪروشامل آهن. 2017ع جي آدمشماري ۾ سنڌ جون 24 اهڙيون ٽائون ڪاميٽيون ۽ ڪينٽونمينٽ آهن جن جي آبادي 5 کان 10 هزار جي وچ ۾ اچي ٿي، ان ۾ 5 ڪينٽونمينٽ ڪراچي ۽ هڪ ڪينٽومينٽ حيدرآباد جو اچي وڃي ٿو، باقي ٻين ننڍين ٽائون ڪاميٽين ۾ ڪنڊياري، ميرپور بٺورو، رستم، سامارو، گهوڙاٻاري، شاهپورجهانيا، مانجهند، ڄام نواز علي، نندو، باگڙجي، کيمي جو پار، پٿورو، بلڙي شاهه ڪريم، شادي پلي، ٽنڊومٺا خان، ٻيلو، منهوڙو ڇانوڻي، ڪيٽي بندر ۽ پيرونمل، اچي وڃن ٿا. سنڌ جي ننڍي ۾ ننڍي ٽائون ڪاميٽي پيرونمل آهي، جنهن جي آبادي 2017ع جي انگن اکرن ۾ صرف 3 هزار 326 آهي، آدمشماري 2017ع ۾ سنڌ جي 238 ميونسپل ڪارپوريشن، ميونسپل ڪاميٽيز ۽ ٽائون ڪاميٽيز جو تفصيل جاري ڪيو ويو آهي، سنڌ پاڪستان جو وڌ کان وڌ اربن (شهري) آبادي رکندڙ صوبو ظاهر ٿيو آهي، يعني صوبي جي 52.02 سيڪڙو آبادي اربن (شهري) تي ٻڌل آهي. صوبي جو سڀ کان وڌيڪ ڳتيل آبادي وارو شهر ڪراچي آهي جتي هڪ اسڪوائر ڪلوميٽر ۾ 2 هزار 595 ماڻهو رهن ٿا، ان کانپوءِ ترتيب وار سکر ۾ هڪ چورس ڪلو ميٽر ۾ 592، نوشهروفيروز ۾ 548، مٽياري 543، ميرپورخاص 515، شڪارپور 490، ڪشمور 420، حيدرآباد 398، شهيد بينظيرآباد (نوابشاهه) 358، ٽنڊومحمدخان 293، گهوٽڪي 270، بدين 268، قمبر-شهداد ڪوٽ 239، لاڙڪاڻو 205، سانگهڙ 192، جيڪب آباد ۽ عمرڪوٽ 191، ٽنڊوالهيار 162، خيرپور 151، ڄامشورو 88، ٿرپارڪر 84، دادو 81 ۽ ٺٽو 56 اچي ٿو.

ishaksoomro@yahoo.com

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو