129

2020ع ۾ سڄو سال مهانگائي جو راڄ، کنڊ جي قيمت ۾ واڌ سان عوام 65 ارب رپين جو بار برداشت ڪيو

اسلام آباد(م ڊ) 2020ع ۾ سڄو سال مهانگائي جو راڄ رهيو، جنهن ڪري عوام وڏي پريشاني کي منهن ڏنو، شماريات کاتي جي جاري ڪيل رپورٽ موجب  کنڊ جي قيمت ۾ واڌ سان عوام 65 ارب رپين جو بار برداشت ڪيو، جڏهن ته گيهه 32 رپيا ڪلو، اٽي جو 20 ڪلو ٿيلهو 130 رپيا، بيضا 76 رپيا درجن ۽ ڪڪڙ جو گوشت 60 رپيا في ڪلو مهانگو ٿيو، کنڊ 30 رپيا ڪلو مهانگي ٿي 103 رپيا 47 پئسا ڪلو تائين پهتي هئي، جڏهن ته مهانگائي جي ماريل عوام 65 ارب رپين جو بار برداشت ڪيو، هوڏانهن دال ماش ساڍا 21 رپيا، دال مسور 11 رپيا 64 پئسا ۽ مڱن جي دال ساڍا 6 رپيا ڪلو مهانگي ٿي، جڏهن ته کاڌ خوراڪ جي ٻين شين جي قيمت ۾ پڻ واڌ ٿي آهي، ٻئي طرف ساين ڀاڄين جي قيمتن ۾ پڻ هٿرادو واڌ ڪئي وئي آهي، ريٽ لسٽون چيڪ نه ٿيڻ جي ڪري واپاري عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن، هن سال عوام کي ڪنهن به قسم جو رليف نه ڏنو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو