اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير راجا پرويز اشرف چيو آهي ته 26 هين ترميم هڪ سنجيده مسئلو آهي، ان تي ٻنهي ايوانن جون ڪميٽيون ٺاهي اتفاق راءِ پيدا ڪري سگهجي ٿو، جيتوڻيڪ 26 هين ترميم جي نالي تي سياست نه ڪئي وڃي، ايوان ۾ پيپلزپارٽي جي سينيئر ميمبرن کي گاريون ڏنيون ويون. قومي اسيمبلي ۾ 26 هين آئيني ترميم تي ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته مون کي 4 ڀيرا فلور ڏنو ويو ۽ واپس ورتو ويو، مخالف ڌر کي آئيني ترميم تي ڳالهائڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي، راجا پرويز اشرف چيو ته مون 40 سال اڳ تير جي نشان تي چونڊون وڙهيون هيون، هاڻي منهنجو پٽ انهي نشان تي چونڊون وڙهي رهيو آهي، حڪومت وٽ انگ پورو نه آهي پر هو ترميم ڪرڻ وڃي رهيا آهن، پارليامينٽ کي پارلياماني طريقي سان هلايو وڃي، آئيني ترميم هڪ سنجيده معاملو آهي، ان جي لاءِ ماحول سنجيده رکڻ گهرجي، اسان جي دور ۾ 4 رپيا يونٽ بجلي هئي هاڻي 26 رپيا هئي، هن چيو ته سينيٽ ۽ اسيمبلي جي ميمبرن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي ٺاهي ان ترميم تي غور ڪيو وڃي.
