سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه زراعت کاتي کي هدايت ڏيندي چيو آهي ته گرمي پد جي فصلن تي اثر بابت تحقيق ڪري آبادگارن کي آگاھي ڏئي.
اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه زراعت جي بھتري بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو .
اجلاس کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته زراعت جي ترقي لاءِ کاتي کي وڌيڪ بھتر ڪيو وڃي.
هن چيو ته ٻوڏ ۽ تيز برساتن سبب زرعي زمين جي پيداواري صلاحيت متاثر ٿي آھي، جڏهن ته ھن سال موسمي تبديلي سبب خريف جي مد ۾ گرمي پد وڌيڪ ھو.
وڏي وزير زراعت کاتي کي هدايت ڪندي چيو ته آبادگارن کي زمين جي معيار کي بھتر ڪرڻ لاءِ به آگاھي ڏني وڃي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڻي جي پراڻن قدرتي لنگھن جي بحالي جو ڪم ڪري رھيا آھيون،ايل بي او ڊي جا سمورا پراڻا لنگھه بحال ڪيا آھن.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي پاليسي آھي ته زرعي پيداوار وڌي ۽ ھاري خوشحال ٿين. وڏي وزير زراعت کاتي کي هدايت ڪئي ته کاتي جي بھتري لاءِ پنهنجي رپورٽ تيار ڪري
