29

لاڙڪاڻو ) لائيرس هائوسنگ سوسائٽي جي ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لائيرس هائوسنگ سوسائٽي جي ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين ايڊووڪيٽ طارق نعيم اعواڻ ٻين وڪيلن ايڊووڪيٽ بشير احمد منگي، ايڊووڪيٽ شڪيل احمد شيخ، ايڊووڪيٽ عبدالحميد بروهي ۽ ايڊووڪيٽ منتظر حسين منگي سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي پارٽي جي منشور روٽي، ڪپٽا ۽ مڪان جي پاسداري ڪندي 27 سال اڳ لاڙڪاڻي جي وڪيل برادري کي شهر جي ايئرپورٽ روڊ لڳ 48 ايڪڙ 13 گهنٽن تي مشتمل لائيرس هائوسنگ سوسائٽي ٺاهي ڏني، جنهن جي قيمت وڪيل برادري ادا ڄاڻايل زمين خريد ڪئي ۽ اهڙي داخلا روينيو جي رڪارڊ ۾ رکي وئي، پر افسوس جو پ پ پ جي لوڪل قيادت ڄاڻي واڻي 27 سالن کان وٺي وڪيل برادري کي پنهنجي حق کان محروم رکي آئين ۽ قانون جي کلي خلاف ورزي ڪري رهي آهي، جنهن کان پوءِ وڪيل برادري هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ هڪ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي، جنهن تي عدالت تاريخ 14 آڪٽوبر 2021 تي آرڊر پاس ڪندي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو کي هدايت جاري ڪئي ته هو پنهنجي نگراني ۾ لائيرس ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي اليڪشن ڪرائي، جيڪا اليڪشن گذريل سال 19 آگسٽ تي ڪرائي وئي، پر 6 مهينا گذرڻ باوجود نه سوسائٽي جو وڪيلن کي قبضو ڏنو ويو ۽ نه ئي وري ڪو ڊولپمينٽ جو ڪم ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته جڏهن پاڪستان جو نالو گري لسٽ ۾ هيو ته ايف اي ٽي ايف پاران سمورن هائوسنگ سوسائٽيز کي پابند بڻايو ته کاتيدارن جو حق ادا ڪري ڊبلو ٽي سي پورٽل تي رکيو وڃي، ڇاڪاڻ جو اهو پاڪستان جي سالميت جو مسئلو آهي ۽ اهو به ياد رهي ته لائيرس سائوسنگ سوسائٽي جي الاٽيز ۾ سينئر وڪيل، هاءِ ڪورٽ جا جج، سيشن ڪورٽ جا جج، سرڪاري وڪيل، پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري پڻ شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته جيڪو وڪيل ٻين جي حقن ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ قربانيون ڏيندو پيو اچي، پر کين پنهنجي حق کان محروم رکي آئين ۽ قانون جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي ، اهڙي غير آئيني عمل خلاف متاثر الاٽيز پنهنجي حقن جا حاصلات لاءِ ايندڙ 19 جنوري تي ڊسٽرڪٽ بار لاڙڪاڻو آڏو ڌرڻي جو اعلان ڪيون ٿا. مطالبو ٿا ڪريون ته لائيرس فورم سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جيڪو لائيرس هائوسنگ سوائٽي جو چيئرمين پڻ آهي سندس خلاف ايڪشن وٺڻ سان گڏ فوري طور تي متاثر الاٽيز وڪيلن کي مالڪاڻه حق ۽ قبضو ڏئي سندن مان بيچئني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو