پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ رابطو، ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي اتفاق.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو خصوصي اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ختم ٿي ويو، پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ تي غور ويچار ڪيو ويو.
حڪومتي ذريعن موجب قومي سلامتي ڪميٽي ايراني جارحيت جي جواب ۾ موثر ڪارروائي تي هٿياربند فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو.
حڪومتي ذريعن موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اجلاس ۾ چيو ته اسان جو جواب موثر ۽ هدف حاصل ڪرڻ تي ٻڌل آهي. پاڪستان پرامن ملڪ آهي، سمورا پاڙيسري امن سان رهڻ چاهين ٿا.ملاقات ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروايون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.ملاقات ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سفارتي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني جڏهن ته فوجي عملدارن پاڪ ايران سرحدي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني.اجلاس ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي سميت ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن شرڪت ڪئي.ان کانسواءِ دفاع، پرڏيهي معاملن، ناڻي ۽ اطلاعات واري وفاقي وزيرن، انٽيليجنس ادارن جا سربراهه، پرڏيهي آفيس ۽ بچاءَ واري وزارت جا عملدار پڻ اجلاس ۾ موجود هئا.ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کان پوءِ مستقبل جي حڪمت عملي جو به جائزو ورتو ويو.قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ايران سان ڇڪتاڻ سميت ملڪ جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي غور ڪيو پيو وڃي.پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٽيليفون تي رابطواڄ (جمعو) پاڪستان جي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ ايراني پرڏيهي وزير امير حسين عبداللهيان وچ ۾ رابطو ٿيو.