34

امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته اليڪشن ۾ 25ڪروڙ پاڪستانين جي مستقبل جو فيصلو ٿيندو.

امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته اليڪشن ۾ 25ڪروڙ پاڪستانين جي مستقبل جو فيصلو ٿيندو. عوام ستيس جي سهولت ڪارڻ کي ووٽ نه ڏيئي خراب نظام مان جان ڇڏائي وڃي جماعت اسلامي جا ڪارڪن پنهجي جدوجهد تيز ڪن ۽ جماعت اسلامي ئي تقدير آڻيندي. ان خيالن جو اظهار منصوره ۾ جمعي جي اجتماع ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي سيڪريٽري اطلاعات قيصر شريف به ان موقعي تي موجود هئا.

سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ 76سالن کان وٺي ساڳو نظام جاري آهي جنهن جي ڪري بري صغير جي ماڻهن قربانيون ڏنيون. هتي هڪ ڏينهن جي لاءِ به اسلامي نظام نظر نه آيو آهي هن چيو ته پاڪستان جي وڏي اڪثريت ملڪ ۾ قرآن سنت جو نظام چاهي ٿي. جنهن ڪري عوام کي بهترين موقعو آهي ته هو 8فيبروري جي ووٽ ڏيئي اسلامي نظام جي حق ۾ فيصلو ڪيو.

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته عوام حڪمرانن جي ڪوڙن واعدن مان تنگ ٿي چڪو آهي هن چيو ته پي پي چيئرمين  جو چوڻ آهي ته ان جو نانو امڙ وزير اعظم ٿي آهي ته منهجو به حق آهي ته وزيراعظم ٿيا. پ پ 15سال سنڌ ۾ حڪومت ڪئي آهي سنڌ کي بهتر بڻائڻ بدران سنڌ کي تباھ برباد ڪري ڇڏيو آهي. هنن جي غلط پاليسين سبب ملڪ 80هزار ارب رپين جو قرضي ٿي ويو آهي هر سال 5 هزار ارب روپين جي ڪرپشن ٿئي ٿي. آئي ايم ايف جو ملڪ قرضي آهي معشيت تباھ برباد ٿي وئي آهي مهنگائي عروج تي آهي.

امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو ته محدود وسيلا هجن ۽ اقتدار نه هجڻ باوجود به جماعت اسلامي بهترين ڪم ڪيا آهن نوجوانن کي ڪمپيوٽر جي سکيا غريبن جي مدد راشن ۽ ٻيون کوڙ ساريون خدمتون ڪيون آهن.

امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو ته موجوده گذريل حڪومتن جو نه ڪشمير طرف توجهه آهي نه فلسطين طرف توجهه آهي جنهن ڪري فلسطيني عوام تي اڃا ظلم جاري آهي جڏهن ته ڪشمير تي پاڙيسري ملڪ مسلط آهي هن چيو ته اسان اقتدار ۾ اچي ڪشمير فلسطين سميت پوري دنيا ۾ ٿيندڙ مسلمانن سان زيادتين جو ازالو ڪيو ويندو

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو