45

مخالفن کي روئارڻ جي خواهش رکندڙن سبب اڄ سڄو ملڪ روئي رهيو آهي:  مريم نواز

مخالفن کي روئارڻ جي خواهش رکندڙن سبب اڄ سڄو ملڪ روئي رهيو آهي:  مريم نواز

پاڪستان جو مستقبل نواز شريف سان جڙيل آهي، 2018ع کان 2022ع تائين سندس نااهلي جو اثر پورو پاڪستان ڏٺو

پنجاب ۽ لاهور ۾ هر هنڌ نواز شريف ۽ شهباز شريف جي خدمتن جا نشان آهن، مخالفن 4 سالن ۾ ڪجهه نه ڪيو

شهباز شريف پنجاب ۾ هر نوڪري ميرٽ تي ڏني، مسلم ليگ ن هڪ خاندان آهي، خون جي رشتي کان وڌيڪ هڪ ٻئي ۾ جڙيل آهيون: اجلاس کي خطاب

لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو مستقبل نواز شريف سان جڙيل آهي، 2018ع کان 2022ع تائين نااهلي جو اثر پورو پاڪستان ڏٺو، عورتون روئي رهيون آهن ته گهرن ۾ گئس ڪونهي،  لاهور ۾ قومي اسيمبلي جي حلقي اين اي 119 ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز جو چوڻ هو ته پاڪستان، پنجاب ۽ لاهور جي چپي چپي تي نواز شريف ۽ شهباز شريف جي خدمتن جا نشان آهن، خدمت مشڪل ڪم آهي، سياسي مخالفين کي رلائڻ واري خواهش رکڻ وارن جا پيدا ڪيل مسئلن سبب  اڄ پورو پاڪستان روئي رهيو آهي.  ان امتحان ۾ صرف نواز شريف ۽ شهباز شريف سرخرو آهن، شهباز شريف جي دور ۾ پنجاب ۾ هر منصوبو ۽ هر نوڪري ميرٽ تي هئي، رهنما مسلم ليگ ن جو هي به چوڻ هوته عوام کي خبر آهي ته ڪم ڪنهن ڪرايا آهن ۽ سياسي انتقام ڪنهن ورتو آهي،  ڪوڙ ڪنهن ڳالهايو، مسلم ليگ ن هڪ خاندان آهي، خون جي رشتي کان وڌيڪ هڪ ٻئي ۾ جڙيل آهيون، مريم نواز جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن پهرين  هڪ ڪارڪن گاڏي سان ٽڪرائجي زخمي ٿي پيو هو، جنهن جو تمام گهڻو ڏک آهي، زخمي ڪارڪن کي فون ڪيو، ان جي خيريت معلوم ڪئي،  زخمي جو چوڻ هو ته نواز شريف جي لاءِ جان به حاضر آهي، هي آهي جذبو اسان جي ڪارڪنن جو، مريم نواز پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ هولڊر مهر محمد وسيم ۽ ان جي ساٿين سان به ملاقات ڪئي، ان جو چوڻ هو ته  مهر محمد وسيم ۽ ان جا ساٿي 25  جنوري تي  مسلم ليگ ن جي جلسي ۾ شموليت جو اعلان ڪندا، ان موقعي تي پرويز رشيد، مريم اورنگزيب، علي پرويز ملڪ، خواجه عمران نذير ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو