29

اي وي سي سي، پي ايل سي ۽ وفاقي ڳجهي اداري گڏيل ڪارروائي ڪسٽم انسپيڪٽر سميت 3 ڄڻا گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اي وي سي سي، پي ايل سي ۽ وفاقي ڳجهي اداري گڏيل ڪارروائي ڪندي نوجوان جي اغوا ۾ ملوث حاضر سروس ڪسٽم انسپيڪٽر سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان اغوا ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏي، مغوي نوجوان جو موبائيل فون، پرس، مختلف ڪارڊ ۽ هٿيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. گذريل ڏينهن اي وي سي سي جي ايس ايس پي  جميل صديق ڇانگا پنهنجي آفيس ۾ سي سي پي ايل جي عهديدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن 3 ڊسمبر تي بريگيڊ ٿاڻي جي حدن مان محمد وجاهت نالي شهري کي هٿيارن جي زور تي سرڪاري نمبر پليٽ لڳل گاڏي ۾ اغوا ڪيو هو. گرفتار جوابدارن مغوي نوجوان جي منهن تي ڪپڙو وجهي نامعلوم هنڌ تي کڻي ويا. تفصيل ٻڌائيندي ايس ايس پي ٻڌايو ته مغوي جي موبائيل فون تان ان جي گهر وارن کان ڪرپٽو ڪرنسي ذريعي 50 هزار ڊالر تاوان گهريو ويو جيڪو پاڪستاني ڪرنسي ۾ ڏيڍ ڪروڙ روپيه بڻجي ٿو ۽ پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ مغوي کي جان کان مارڻ جي ڌمڪي ڏني، گرفتار جوابدارن مغوي جي گهر ڀاتين تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ مغوي تي تشدد به ڪيو ۽ ان جي وڊيو ٺاهي گهر ڀاتين کي واٽس ايپ به ڪئي. هن ٻڌايو ته نوجوان وجاهت جي اغوا جو ڪيس بريگيڊ ٿاڻي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ جاچ اي وي سي سي ڏانهن منتقل ڪئي وئي جنهن کان پوءِ اغوا ڪندڙن پوليس ۽ ڳجهن ادارن جي حرڪت ۾ اچڻ کان پوءِ 5 ڊسمبر تي مغوي نوجوان کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ روپوش ٿي ويا هئا. ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته مغوي نوجوان جي اغوا ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي هڪ ڪارروائي جي دوران مغوي نوجوان وجاهت نديم جي اغوا ۾ ملوث حاضر سروس ڪسٽم انسپيڪٽر عبدالفتح ولد عبدالغني ۽ ان جا 2 ساٿي راشد ولد زاهد ۽ زبير ولد شوڪت کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار اغوا ڪندڙ عبدالفتح ڪليڪٽريٽ ۽ ڪسٽم خضدار بطور انسپيڪٽر سرڪاري ملازم آهي. گرفتار جوابدار زبير سکر جو رهواسي آهي جيڪو سي ايس ايس جو امتحان ڏيڻ جي تياري ڪري رهيو هو.  اغوا ڪندڙن مغوي نوجوان کي سکر ۾ پنهنجي ٺڪاڻي ۾ رکيو هو. ظفر صديق ڇانگا ٻڌايو ته گرفتار اغوا ڪندڙن جاچ دوران انڪشاف ڪيو ته انهن 2 ٻين شهرين کي به اغوا ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو ۽ ڪنهن به وقت انهن ٻنهي شهرين کي کين اغوا ڪرڻو هو. انهن ٻڌايو ته پوليس گرفتار ڪيل اغوا ڪندڙن کان انهن ٻنهي شهرين بابت به سمورا تفصيل حاصل ڪري ورتا آهن انهن ٻڌايو ته اغوا براءِ تاوان جي وارداتن ۾ ملوث گرفتار گروپ ۾ 6 جوابدار شامل آهن جن مان 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي اي وي سي سي ٻڌايو ته انهن چارج سنڀالڻ کان پوءِ هينئر تائين اغوا برائي تاوان جا 3 ڪيسز حل ڪري ورتا آهن جن ۾ نه صرف جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو پر گرفتار جوابدارن کان ڪجهه شيون به هٿ ڪيون ويون. ان کان اڳ مغوي حارث جنهن جي اغوا جو ڪيس گڏاپ ٽائون ۾ داخل هو ۽ مغوي ياسر جنهن جي اغوا جو ڪيس محمود آباد ۾ داخل هو. انهن ٻنهي ڪيسز کي به ڪاميابي سان حل ڪيو ويو. مغوي نوجوان وجاهت نديم ٻڌايو ته اغوا واري ڏينهن پنهنجي گهر ڀرسان دوست سان گڏ بيٺل هئس ته اغوا ڪندڙن آواز ڏئي گهرايو جنهن کان پوءِ اهي پاڻ سان گڏ کڻي ويا. اغوا ڪندڙ تشدد سان گڏوگڏ ڪرنٽ به لڳائيندا هئا ۽ ڪيس واپس وٺڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو