29

پيپلزپارٽي اڳواڻ علي حسن زرداري پاران آصف علي زرداري ۽ ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي چونڊ مهم جاري

پيپلزپارٽي اڳواڻ علي حسن زرداري پاران آصف علي زرداري ۽ ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي چونڊ مهم جاري

آصف علي زرداري وڏي ليڊ سان کٽيندو، مخالفن وٽ کوکلن نعرن  کانسواءِ ڪجهه به ناهي: علي حسن زرداري

ڄام صاحب جي ڳوٺ گل محمد خاصخيلي ۾ ميڙاڪو، پ پ اڳواڻ علي حسن زرداري خاص مهمان طور شريڪ، شاندار آجيان

پيپلزپارٽي جو منشور غريبن، ھارين، مزدورن ۽ نوجوانن جي روشن مستقبل ۽ ملڪ جي خوشحالي جي ضمانت آھي: علي حسن زرداري

نوابشاهه سميت ملڪ جو عوام پنهنجي ٻچن جي بهتر مستقبل لاءِ پ پ کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري: عوامي ميڙاڪي کي خطاب

نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه جي قومي تڪ اين اي 207 تي پيپلزپارٽي جي اميدوار اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ صوبائي تڪ پي ايس 36 دوڙ تي پ پ اميدوار ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو /ڏسو صفحو 7 بقايا نمبر 28

جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڄام صاحب لڳ ڳوٺ گل محمد خاصخيلي ۾ عطا محمد خاصخيلي طرفان ھڪ ڪارنر گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي،گڏجاڻي ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ ٺٽي جي پي ايس 76 تي پ پ اميدوار علي حسن زرداري خاص مھمان طور شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ پھچڻ تي پيپلزپارٽي اڳواڻ علي حسن زرداري جو شاندار استقبال ڪيو ويو، سندس مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي، ڪارنر گڏجاڻي ۾ پ پ اڳواڻ علي حسن زرداري کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ويو.گڏجاڻي کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ علي حسن زرداري چيو ته اوھان ۽ اسان جي ٻچڙن جي روشن مستقبل لاءِ ضروري آهي ته 8 فيبروري تي آصف علي زرداري کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو وڃي، پاڪستان پيپلزپارٽي جو منشور غريبن، مسڪينن، ھارين، مزدورن ۽ نوجوانن جي روشن مستقبل ۽ ملڪ جي خوشحالي جي ضمانت آھي، ھن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي مخالفن وٽ کوکلن نعرن ۽ ڪوڙين دعوائن  کانسواءِ ڪجهھ به نه آھي، گڏجاڻي ۾ ايڊووڪيٽ عبداللطيف خاصخيلي، محمد رحيم خاصخيلي، ظفرعلي خاصخيلي،  خالد خاصخيلي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

ي بهتر مستقبل لاءِ پ پ کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري: عوامي ميڙاڪي کي خطاب

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو