33

جپان جو 13 ڄڻن تي مشتمل پرڏيهي وفد سنڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو

ڏوڪري (ن سوڀ )  جپان جو 13 ڄڻن تي مشتمل پرڏيهي  وفد  سنڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو،جپان جو پرڏيهي وفد ڊي ڪي ايريا،ايڇ آر،اسٽوپا گريٽ باٿ، ميوزم ۽ ٻيا آثار گهمي ڏٺا.پرڏيهي وفد کي موهن جو دڙو تي مقامي گائيڊ ارشاد سولنگي بريفنگ ڏني.ان موقعي تي پرڏيهي وفد جو چوڻ ھو ته موهن جو دڙو عظيم ۽ قديم تهذيبي ورثو آهي هتان جا ماڻهو هزارين سالن کان تهذيب يافتا رهيا آهن ان جو اندازو هي شاندار تهذيب جا آثار ڏسي لڳائي سگهجي ٿو.هنن چيو ته هتان جي ماڻهن هزارين سال اڳ به وڏي جوڙجڪ سان وڏا ڪشادا گهر ٺاهيا هئا آثار ڏسي عقل دنگ رهجي وڃي ٿو.سنڌ جا ماڻهو وڏا مهمان نواز آهن هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.پرڏيهي وفد جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو