62

پاڪستان ۾ٻن شهرين کي قتل ڪندڙ ڀارتي ايجنٽن کي پڪن ثبوتن سان گرفتار ڪيو آهي، فنانشل ٽرانزيڪشن جا ثبوت به موجود آهن

پاڪستان ۾ٻن شهرين کي قتل ڪندڙ ڀارتي ايجنٽن کي پڪن ثبوتن سان گرفتار ڪيو آهي، فنانشل ٽرانزيڪشن جا ثبوت به موجود آهن: پرڏيهي سيڪريٽري

قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪراچي مان ٽي ٽي پي جو نيٽ ورڪ ٽوڙي ڇڏيو، فورسز ۽ عام شهرين تي حملا ڪندڙ 17 دهشتگرد گرفتار

دهشتگرد حملن جي رٿابندي ڪري رهيا هئا، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گڏيل ڪارروائي ڪري ٽي ٽي پي ڪمانڊرن کي گرفتار ڪيو،

سوات ۽ مالاڪنڊ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ اين جي اوز تي حملن ۾ ملوث ٽي ٽي پي جي دهشتگردن کي انٽيليجنس ادارن جي ڄاڻ جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار ٿيل دهشتگرد ڪراچي ۾ فرقيوار دهشتگردي،  ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ سيڪيورٽي ادارن تي حملن سميت ڪيترن ئي وڏن ڏوهن ۾قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هئا، دهشتگردن جو نيٽ ورڪ ماڻهن کي اغوا ڪري ڀنگ وٺي افغانستان ۾ موجود پنهنجي تنظيم لاءِ فنڊ به گڏ ڪندو رهيو آهي، حملن لاءِ ايندڙ دهشتگردن کي ترسائڻ لاءِ مدرسن کي استعمال ڪيو ويو.

ڀارتي ايجنٽن  اجرتي قاتلن جي ذريعي گذريل سال پاڪستاني شهري محمد رياض کي راولا ڪوٽ ۽ شاهد لطيف کي ڊسڪا ۾ قتل ڪرايو، گرفتار ٿيل اجرتي قاتلن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي: سائرس سجاد قاضي 

ڀارتي ايجنٽن اشوڪ ڪمار ۽ يوگيش ڪمار کي ثبوتن سان حراست ۾ ورتو ويو، پاڪستاني سرزمين تي ڀارت جي ڪارروائي پاڪستان جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي آهي: پرڏيهي سيڪريٽري جي پريس ڪانفرنس

ڪراچي/ اسلام آباد ( نمائندا ) ڪراچي ۾تحريڪ طالبان پاڪستان جي ڪمانڊرن سميت 17 دهشتگرد گرفتار  ڪري انهن جي نيٽ ورڪ کي ٽوڙيو ويو آهي. ٽي ٽي پي جا اهي دهشتگرد حملن جي رٿابندي ڪري رهيا هئا، انٽيليجنس ايجنسين جي ڄاڻ تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گڏيل ڪارروائي ڪري دهشتگردن کي گرفتار /ڏسوصفحو7 بقايا نمبر 01

ڪيو. ٻڌايو ويو آهي ته اهي دهشتگرد سوات ۽ مالاڪنڊ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ اين جي اوز تي حملن ۾ ملوث هئا، گرفتار ٿيل دهشتگرد ڪراچي ۾ فرقيوار دهشتگردي،  ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن ۾ به ملوث هئا، ان کان علاوه دهشتگردن جو نيٽ ورڪ ماڻهن کي اغوا ڪري ڀنگ وٺي افغانستان ۾ موجود پنهنجي تنظيم لاءِ فنڊ به گڏ ڪندو رهيو. دهشتگردن جو نيٽ ورڪ آپگهاتي حملن لاءِ ايندڙ دهشتگردن کي ترسائڻ لاءِ مدرسي کي استعمال ڪندو رهيو. ٻي پاسي اسلام آباد  ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڀارتي ايجنٽن پاڪستان ۾ 2 معصوم شهرين کي قتل ڪيو، ڀارتي ايجنٽن کي پڪن ثبوتن تي حراست ۾ ورتو ويو، جيڪي پاڪستان ۾ دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ سڌوسنئون ملوث هو، ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ به اهڙا ئي ڪيسز سامهون آيا آهن، ڀارت کي عالمي سطح تي ان جو جوابده ڪرڻو پوندو، پاڪستاني سرزمين تي ڀارت جي ڪارروائي پاڪستان جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي آهي. هن وڌيڪ چيو ته  عالمي سطح تي ڀارت جو گهيرو ڪرڻ گهرجي، اسان وٽ پاڪستان ۾ ڀارتي ايجنٽس جا تفصيل موجود آهن، ٻن ڪيسز جا تفصيل شيئر ڪنداسين ڪجهه ڪيسز اڃا جاچ هيٺ آهن، جاچ مان خبر پئي ته ڀارتي ايجنٽ يوگش ڪمار ان ۾ ملوث آهي، اشوڪ ڪمار ۽ يوگش ڪمار ڀارتي ايجنٽس جي ذريعي ڪارروائي ڪرائيندا هئا، سهولتڪارن جي ذريعي انهن ايجنٽس جي خبر پئي. هن چيو ته گذريل سال پاڪستاني شهري محمد رياض کي پڻ راولا ڪوٽ ۾ مسجد ۾ قتل ڪيو ويو هو، ڀارتي ايجنٽ اجرتي قاتل جي ذريعي محمد رياض کي قتل ڪرايو، جڏهن ته شاهد لطيف کي ڊسڪا ۾ سيڪيورٽي فورسز اجرتي قاتل کي گرفتار ڪيو جنهن ڏوهه جو اعتراف ڪيو، ڀارتي ايجنٽ دهشتگردي ۽ ٻين وارداتن ۾ پڻ ملوث ڏٺو ويو. هن چيو ته ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ به اهڙا ئي ڪيسز سامهون آيا آهن، ڀارت کي عالمي سطح تي ان جو جوابده ڪرڻو پوندو، پاڪستاني سرزمين تي ڀارت جي ڪارروائي پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي آهي. پرڏيهي سيڪريٽري ٻڌايو ته ڀارتي ايجنٽس جا اعترافي بيان به آهن جيڪي هن وقت اسان جي تحويل ۾ آهن، اسان وٽ فنانشل ٽرانزيڪشنز جا ثبوت به موجود آهن، انهن ايجنٽسن جا پاسپورٽ نمبر ۽ سڃاڻپ شيئر ڪئي ويندي، رڳو اسان نه چئي رهيا آهيون ڪئناڊا ۽ آمريڪا به اهڙي طرح جي ڪاررواين جي نشاندهي ڪئي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو