بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري تي جعلي ڪيس ٺاهيا ويا، ڪارڪنن تي تشدد ڪيو ويو، “عورت جي حڪمراني نامنظور“ چيو ويو، پوءِ توهان اکين سان ڏٺو ته انهن سان به اِهو ئي ٿيو جيڪو هنن پاڻ ڪيو
عمران خان چوندو هو سڀني کي جيل ۾ وجهندس، اڄ هو پاڻ جيل ۾ آهي، خان صاحب سرپرائيز ڪيئن لڳو؟ بلاول ڀٽو زرداري
ٽي ڀيرا نواز حڪومت ڏٺي، ٻڌايو هي ڪيترو سچو آهي؟ سي پيڪ جو باني نواز شريف ناهي، پر سي پيڪ منصوبن تي نواز شريف جي حڪومت ٺهڻ کان اڳ صحيحون ٿي چڪيون هيون
آصف علي زرادري جڏهن چين ويندو ته هي (نواز شريف) مٿس تنقيد ڪندو هو ته ”ڇا ڪرڻ وڃي رهيو آهي؟“ مسلم ليگ (ن) سي پيڪ جو پيسو چوري ڪري اورينج لائين تي لڳايو
نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ نفرت ۽ ورهاست جي سياست ڪئي، عمران خان کي نفرت جي سياست نه ڪرڻ جو چيو، خان صاحب کي چيو ته ٻين کي چور نه چئو، اڄ هو پاڻ چور بڻجي چڪو آهي
پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان عوام کي مشڪلاتن مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ اليڪشن وڙهي/ڏسو صفحو 7 بقايا نمبر 01
رهيا آهيون. پشاور ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جي چونڊ مهم سڀ کان پهريان شروع ٿي، مان هن صوبي ۾ 10 ڪنوينشنز پهريان ڪري پنجاب ۽ سنڌ کان ٿيندو واپس هتي آيو آهيان. هن چيو ته چونڊون ته ويجھو اچي ويون آهن، خبر ناهي انهن جو ڇا ٿيندو جن سردي جي ڪري اليڪشن نه وڙهڻ ٿي چاهي؟، خبر ناهي انهن جو ڇا ٿيندو جيڪي نومبر تي اليڪشن ۽ ضمني چونڊن کان ڀڄي رهيا هئا؟ پر اسان جي ڪري هو سڀ اليڪشن وڙهي رهيا آهن. هن چيو ته اسان ڊڄڻ وارا، گھٻرائڻ وارا ۽ ڀڄڻ وارا ناهيون، هي سر ڪٽجي سگھي ٿو پر جھڪي نٿو سگھجي، اسان ذوالفقار ڀٽو ۽ بي بي شهيد جي تعليمات تي عمل ڪرڻ وارا آهيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان عوام کي مشڪل مان ڪڍڻ لاءِ چونڊ وڙهي رهيا آهيون، هن چيو ته هڪ طرف معاشي بحران آهي ته ٻئي طرف اهي دهشتگرد جن کي شڪست ڏياري هئي اهي وري ڪر کڻي رهيا آهن. هن دعويٰ ڪئي ته اسان معاشي انقلاب کڻي آيا آهيون، پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ ملازمن جي پگھارن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو، هن چيو ته هاري کي فصل جو نقصان پهتو ته اهو پورو ڪنداسين. پ پ چيئرمين چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ نفرت ۽ ورهاست جي سياست لاڳو ڪئي، جيڪڏهن اسان جي حڪومت ٺهي ته انتقامي سياست نه ڪنداسين. هن چيو ته قائد عوام جي نياڻي سان ظلم ڪندڙ جي پنهنجي ڌيءُ سان ظلم ٿيو، پيپلز پارٽي غريبن جي پارٽي آهي، پ پ واحد پارٽي آهي جيڪا غريبن جو خيال رکي ٿي. ٻه ٻه ڊگريون رکندڙ نوجوانن کي روزگار نه پيو ملي، واعدو ڪريان ٿو ته اسان جي حڪومت ٺهندي ته هر ضلعي ۾ يونيورسٽي ٺاهينداسين، سمورين ڪچين آبادين کي مستقل ڪيو ويندو. يونين ڪائونسل سطح تي بک ختم ڪريو مهم شروع ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نفرت ۽ ورهاست جي سياست کي هميشه لاءِ دفن ڪرڻو پوندو، سياست ۾ مڪافات عمل ٿيندي ڏٺو آهي، جن سياسي جماعتن ماضي ۾ انتقامي سياست ڪئي، هو پاڻ انتقام جو نشانو بڻيا، جيڪي ڪالهه ڀٽو جي نياڻي سان ظلم ڪندا هئا، انهن جي پنهنجي ڌيءُ سان ظلم ٿيو. بلاول چيو ته بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري تي جعلي ڪيس ٺاهيا ويا، ڪارڪنن تي تشدد ڪيو ويو، چيو ويو ته عورت جي حڪمراني نامنظور، پوءِ پنهنجي اکين سان ڏٺو ته انهن سان به اِهو ئي ٿيو جيڪو هنن ڪيو، بلاول ڀٽو چيو ته اسان پي ٽي آءِ باني کي نفرت جي سياست نه ڪرڻ جو بار بار چيو، خان صاحب کي چيو ته ٻين کي چور نه چئو، اڄ هو پاڻ چور بڻجي چڪو آهي، خان صاحب کي چوندا هئاسين ته انتقامي سياست نه ڪر، خان صاحب چوندو هو ته ڪنهن اين آر او نه ڏينداسين، هاڻي پاڻ چوي ٿو ته ڪنهن سان به ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، مسئلو اهو به آهي ته ڪو به هن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اسان چوندا هئاسين ته اسيمبلي تان استعيفيٰ نه ڏيو، قائد حزب اختلاف بڻجي وڃو پر هنن اسيمبلي ڇڏي ڏني، سڀني کي جيل ۾ وجھڻ جي ڳالهه ڪندڙ اڄ پاڻ جيل ۾ آهي، اسان خان صاحب کي سمجھايو ته گرفتار ڪرڻو اٿئي ته مردن کي ڪر، عورتن کي نه، اسان پي ٽي آءِ باني کي چوندا رهياسين ته نفرت جي سياست نه ڪريو، هن سرپرائيز چوي ڪري پنهنجي ئي حڪومت کي ختم ڪيو، توهان کي هاڻي سرپرائيز ڪيئن لڳي رهيو آهي؟ پي ٽي آءِ سان جيڪو ڪجھه ٿي رهيو آهي، ان تي خوش نه ٿيڻ گھرجي. نواز ليگ جي منشور جي حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٽي ڀيرا نواز حڪومت ڏٺي، ٻڌايو ته هي ڪيترو سچو آهي؟. هي چوي ٿو ته سي پيڪ جو باني نواز شريف آهي پر سي پيڪ منصوبن تي نواز شريف جي وزارت عظميٰ ٺهڻ کان اڳ صحيحون ڪيون ويون هيون، جڏهن آصف علي زرادري چين ويندو ته هي (نواز شريف) مٿس تنقيد ڪندو هو ته ”ڇا ڪرڻ وڃي رهيو آهي؟“ سي پيڪ منصوبن جو رستو تبديل ڪيو ويو، سي پيڪ جو پيسو اورينج لائين تي لڳايو ويو ۽ سي پي جو ڪريڊٽ پاڻ کڻي رهيو آهي، هي پنهنجي نه توهان جي منشور تي اليڪشن وڙهي رهيو آهي. هن چيو ته جيڪو قائد عوام جي نياڻي تي ظلم ڪندو هو، هن کي پنهنجي ڌيءُ کي گرفتار ڏسڻو پيو، پنهنجي حڪومت ۾ سياسي مخالفن جي نياڻين ۽ ڀينرن کي جيلن ۾ واڙڻ بينظير جي سياست نه آهي، ان جماعت کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اهو سڀ توهان سان به ٿيندو، توهان ٽي ٽي ڀيرا نواز شريف کي ڏٺو، توهان ٻڌايو ته هي ڪيترو سچو نواز آهي. مسلم ليگ (ن) تي تنقيد ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سي پيڪ جو باني نواز شريف ناهي، آصف علي زرداري سي پيڪ لاءِ چين جا دورا ڪيا، معاهدا ڪيا، ن ليگ سي پيڪ جو پيسو چوري ڪري اورينج لائين تي لڳايو، پاڪستان کي ايٽم بم جو تحفو ذوالفقار علي ڀٽو ڏنو. عوام جھڙي طرح پيپلزپارٽي جو استقبال ڪيو، ان جو ٿورائتو آهيان، هن وقت معاشرو ورهاست جو شڪار آهي، ڀاءُ ڀاءُ سان وڙهي رهيو آهي، معاشري ۾ ورهاست جي ڪري پاڪستان جو نقصان ٿي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پراڻا سياستدان ملڪ کي 90 جي ڏهاڪي طرف ڌڪڻ چاهين ٿا، مان ملڪ کي 2024ع جي سياست طرف آڻڻ چاهيان ٿو، اهڙو معاشي انقلاب آڻينداسين جو هر پاڪستاني جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته سول جو استعمال ڪندي غريبن کي 300 يونٽ مفت بجلي ڏينداسين، ملڪ ۾ غريبن لاءِ 30 لک گھر ٺهرائي ڏينداسين. هارين کي ڪسان ڪارڊ ڏينداسين، انهن جي فصلن جي انشورنس ڪئي ويندي، يوٿ ڪارڊ ذريعي نوجوانن جي مالي مدد ڪنداسين، اسان جا نوجوان ٻه ٻه ڊگريون کڻي گھمي رهيا آهن پر روزگار نه ٿو ملي، اهڙي اسپتال ٺاهينداسين جتي مفت علاج ٿيندو، ڪنهن کي ڪارڊ جي ضرورت نه پوندي، يونين ڪائونسل سطح تي بک ختم ڪريو پروگرام شروع ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي واحد جماعت آهي جيڪا منشور تي اليڪشن وڙهي رهي آهي، سموريون سياسي پارٽيون پنهنجي منشور تي نه پر پيپلزپارٽي جي منشور تي اليڪشن وڙهي رهيون آهن، ن ليگ اشرافيه جي ۽ پيپلزپارٽي عوام جي نمائندگي ڪندي آهي، 8 فيبروري تي توهان جي حڪومت ٺاهينداسين، وزيراعظم توهان جو هوندو