32

هڪ سياسي ليڊر چيو ته هو نواز شريف سان مناظرو ڪرڻ چاهي ٿو: شهباز شريف

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو نواز شريف سان مناظري جو چئلينج مشروط طور قبول ڪري ورتو آهي. مسلم ليگ (ن) نواز شريف ۽ بلاول ڀٽو وچ ۾ مناظرو سنڌ ۾ ڪرڻ جو شرط رکي ڇڏيو آهي. شهباز شريف چيو ته ڪالهه هڪ سياسي ليڊر چيو ته هو نواز شريف سان مناظرو ڪرڻ چاهي ٿو، نواز شريف کي پنهنجي صوبي ۾ گھرايو، نواز شريف معائنو ڪندو، منظارو به ٿيندو، ڀيٽ به ٿيندي. راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته پنجاب ۾ نواز شريف اسپتالن ۾ مفت دوائون ڏنيون، دل تي هٿ رکي ٻڌايو، پي ٽي آءِ ڇا ڪيو؟ جھيڪا گلي ۾ کنوڻ جي نقصانن کان نواز شريف بچايو، نواز شريف راولپنڊي لاءِ ڪيتريون خدمتون سرانجام ڏنيون، اربين رپين جا تعليمي وظيفا راولپنڊي جي ٻارن لاءِ ڏنا ويا. نواز ليگ جي صدر شهباز شريف چيو ته نواز شريف کي بار بار وزيراعظم پاڪستان بڻايو، راولپنڊي کي لاهور نه بڻايو ويو ته منهنجو نالو شهباز شريف ناهي، واعدو ٿو ڪريان ته نواز شريف جي خادم جيان خدمت ڪندس. شهباز شريف چيو ته لياقت باغ ۾ بينظير ڀٽو جمهوريت خاطر شهادت جو جام نوش ڪيو، نواز شريف لياقت باغ ۾ جيڪي واعدا ڪيا، اهي پورا ڪيا، هن جي ميٽرو بس منصوبي جي مخالفت ڪئي وئي، ميٽرو بس تي اڄ هر طبقي سان تعلق رکندڙ سفر ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف جا منصوبا ڳڻائڻ شروع ڪريان ته شام ٿي ويندي، لاهور ۾ اورينج ٽرين هلائي ته راولپنڊي ۾ بليو ٽرين هلائينداسين، آءِ جي پي روڊ تي اليڪٽريڪل بسمون هلائڻ شروع ڪنداسين، 8 فيبروري تي فيصلو ٿيڻو آهي ته ڪنهن خدمت ڪئي، ڪنهن لٽيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو