25

شاهد خاقان عباسي جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم

هو سالن کان پيشي تي عدالت ۾ پيش ٿيندو رهيو آهي: شاهد خاقان جو وڪيل

اڳوڻي وزيراعظم کي ٻاهرين ملڪ وڃڻو هوندو آهي، اي سي ايل مان نالو ڪڍيو وڃي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو نالو اي سي اي مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، بئريسٽر خواجه نويد دليل ڏيندي چيو آهي ته ايف آءِ اي شاهد خاقان عباسي کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ اي سي ايل ۾ نالو شامل ڪيو هو، شاهد خاقان عباسي اڳوڻو وزيراعظم آهي، هن کي مختلف وقتن تي ٻاهرين ملڪ وڃڻو پوندو آهي. اڳوڻي وزيراعظم جي وڪيل وڌيڪ چيو ته شاهد خاقان عباسي گذريل ڪيترن ئي سالن کان پيشي تي عدالت ۾ پيش ٿيندو رهيو آهي، ايف آءِ اي کي ححڪم ڏنو وڃي ته شاهد خاقان عباسي جو نالو اي سي ايل مان خارچ ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو