51

ملڪ واپس وڃڻ لاءِ تيار آهيان، گارنٽي ڏيو ته گم نه ڪيو ويندو: مونس الاهي

   .نيب، اينٽي ڪرپشن، ايف آءِ اي يا پوليس سان ڪو به مسئلو ناهي

 ملڪ کان ٻاهر هئس ته منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو

مان وطن واپس اچي گرفتار ڏني، بعد ۾ عدالت مان بري ٿي ويو هئس

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مونس الاهي چيو آهي ته هو وطن واپس وڃڻ لاءِ تيار آهي پر گرنٽي ڏني وڃي ته کيس کيون نھ ويندو. پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ مونس الاهي چيو ته تڪ جا سياستدان انهن سمورن معاملن کان واقف آهن، نيب، اينٽي ڪرپشن، ايف آءِ اي يا پوليس سان ڪو به مسئلو ناهي،جڏهن مان 2011 ۾ ملڪ کان ٻاهر هئس ته منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، مان وطن واپس اچي گرفتار ڏني، عدالت مان بري ٿي ويو هئس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو