24

قومي ايئر لائين پي آءِ اي کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي منظوري

ماليت جو تعين ڪرڻ کان سواءِ ئي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي منظوري ڏني وئي

اداري تي 830 ارب جون رهتون نئين هولڊنگ ڪمپني کي منتقل ڪيون وينديون

وفاقي ڪابينا پي آءِ اي جي اهم آپريشنز کي وڪرو ڪرڻ لاءَ تيار آهي : ذريعا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) مالياتي صلاحڪار کان ماليت جو تعين ڪرڻ کان سواءِ ئي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پي آءِ اي کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته اداري تي 830 ارب رپين جون رهتون نئين هولڊنگ ڪمپني کي منتقل ڪيون وينديون. تفصيل موجب وفاقي ڪابينا چونڊن کان اڳ پي آءِ اي جي اهم آپريشنز کي وڪرو ڪرڻ لاءِ حقيقي ماڊل جي منظوري ڏيڻ لاءِ تيار آهي، وفاقي ڪابينا ايندڙ هفتي ان جي منظوري ڏيندي، ڪمرشل بئنڪن 280 ارب رپيا قرض ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. نگران ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر مالياتي صلاحڪارن پاران ماليت جي تعين ۾ ڪمزورين جي حوالي سان اهم سوال اٿاريا آهن، جيتوڻيڪ بينڪن پي آءِ اي جي قرض کي ٻيهر ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي پر اڃا تائين انهن جي لکت واري رضامندي نه ڏني آهي، پرائيويٽائيزيشن ڪميشن پاران ايندڙ اڱاري يا اربع تائين ڪابينا جي اجلاس ۾ تفصيلي سمري پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو