35

سنڌ ۾ چونڊن دوران دهشتگرد جو خطرو، ملڪ دشمن خلل وجھي سگھن ٿا: آءِ جي سند

آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا جي صدارت هيٺ عام چونڊن 2024ع جي سيڪيورٽي ۽ امن امان بابت اجلاس ٿيو

شرپسند ۽ ملڪ دشمن عنصر پرامن چونڊ عمل ۽ انتظامن کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا: رفعت مختار راجا

چونڊ مهم رات 12 وڳي کانپوءِ ختم ٿي وئي آهي، پوليس فورس جي مقرري ۽ چونڊ سامان پهچائڻ جو مرحلو اڄ کان شروع ٿيندو

پوليس اليڪشن جي سيڪيورٽي لاءِ فرنٽ لائين تي موجود آهي، آفيسرن ۽ جوانن تي فخر اٿم: اجلاس دوران ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا چيو آهي ته شرپسند ۽ ملڪ دشمن عنصر پرامن چونڊ عمل ۽ انتظامن کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا، آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا جي صدارت هيٺ عام چونڊن 2024ع جي سيڪيورٽي ۽ امن امان بابت اجلاس ٿيو، سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ ٿيل اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ڊي آءِ جيز هيڊڪوارٽرز، سي ٽي ڊي، اسپيشل برانچ، سيڪيورٽي، ايس پي يو، آر آر ايف، اي آءِ جيز، آپريشنز، فنانس، لاجسٽڪ ۽ ايڊمن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڪراچي جي زونل ڊي آءِ جيز، شهيد بينظير آباد، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص رينج جي لاڳاپيل ضلعن جي ايس ايس پيز وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. آءِ جي سنڌ چيو ته چونڊ مهم رات 12 وڳي کانپوءِ ختم ٿي وئي آهي، پوليس فورس جي مقرري ۽ چونڊ سامان پهچائڻ جو مرحلو اڄ کان شروع ٿيندو. هن چيو ته سڪيورٽي جا انتظام هن وقت تائين اطمينان بخش آهن ۽ هاڻي سمورا آفيسر پنهنجي ماتحت عملي ۽ چونڊ سامان جي بهتر نموني سان پهچائڻ کي يقيني بڻائين. اجلاس ۾ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي ۽ اسپيشل برانچ سڪيورٽي ۽ امن امان بابت بريفنگ پڻ ڏني. آءِ جي سنڌ چيو ته عام چونڊن کان ٻه ڏينهن اڳ بدامني ۽ دهشتگردي جي عنصرن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، شرپسند ۽ ملڪ دشمن عنصر پرامن چونڊ عمل ۽ انتظامن کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا. هن هدايت ڪئي ته سمورا آفيسر چونڊ عملي، سامان، ووٽرن ۽ اميدوارن جي سڪيورٽي کي يقيني بڻائين ۽ پولنگ اسٽيشنز ۽ هيڊ ڪوارٽرز تي مقرر اهلڪارن جي وچ ۾ بنا ڪنهن وقفي جي رابطي کي به يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته آفيسرن ۽ سنڌ پوليس جي جوانن جو فخر آهن ۽ پوليس اليڪشن جي سيڪيورٽي لاءِ فرنٽ لائين تي موجود آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو