54

ڪوٽڙي ۾ پ پ ۽ آزاد اميدوار ڪاميابي لاءِ سرگرم، ريليون

پ پ اميدوار ملڪ سڪندر خان جا ڪوٽڙي شهر توڙي ميونسل ٻولهاڙي جا دورا

آزاد اميدوار ملڪ چنگيز خان به مختلف علائقن جو دورو ڪري ووٽ گهريا

ڪوٽڙي (ن سوڀ) ڪوٽڙي ۾ پ پ ۽ آزاد اميدوار ڪاميابي لاءِ سرگرم، ريليون، ڪوٽڙي شهر توڙي ميونسل ٻولهاڙي ۾ پ پ پ ٿاڻو بولا خان جي نامزد اميدوار ملڪ سڪندر خان دورو ڪيو، غلام مصطفيٰ کوسو طرفان رکيل چانهه پارٽي دوران  خطاب ڪندي هن چيو ته نوجوان آهيان وڌ کان وڌ ووٽ ڪري ڪامياب ڪرايو ته جيئن  اوهان جي خدمت ڪري سگهان، ميونسپل ٻولھاڙي تمام وڏي آبادي رکندڙ آهي اتي جي مسئلن کان واقف آهيان، کٽي اچڻ کان پوءِ پيئڻ جي پاڻي ڊرينيج جي نظام تعلیم صحت کي اولين ترجيح ڏيندس. ٻئي طرف ٿاڻو بولا خان جي آزاد اميدوار ملڪ چنگيز خان ميونسپل ٻولهاڙي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، سندس چوڻ هو ته هاڻ اوهان جي هٿ ۾ آهي  ته پنهنجي ٻچن جي مسقبل لاءِ درست فيصلو ڪيو، اسان کي ڪامياب ڪرايو ته جيئن اوهان جي بنيادي مسئلن سميت اوهان جي بهتر مستقبل لاءِ ڪم ڪري سگهون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو