40

ڊگهي وقت کان عوام لاڙڪاڻي جو وزيراعظم ناهي ڏٺو، لاڙڪاڻي جو وزيراعظم بڻجندو آهي ته ملڪ ايٽمي طاقت بڻجي ويندو آهي:پ پ چيئرمين

تختِ لاهور لڏي رهيو آهي، ڄاڻان ٿو ته گڙ ٻڙ ڪٿان ٿي رهي آهي، ووٽن تي ڌاڙو لڳو ته اهڙو پيڇو ڪندس جو عمران خان وسري ويندن: بلاول ڀٽو زرداري

چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جي خواهش رکندڙ ملڪ جي عوام کي بيوقوف ڪرڻ گهرن ٿا، عوام کين سڃاڻي ٿو انهن جي مقصدن کان به واقف آهي

نواز شريف هميشه جهيڙا ڪندو آهي، هن ٻئي ڀيري اميرالمومنين ٿيڻ جو خواب پئي ڏٺو، هو انهن سان به وڙهيو جن کيس وزيراعظم ڪرايو ان سان نقصان ملڪ، جمهوريت ۽ معيشت جو ٿيو

مسلم ليگ ن  طاقت جي نشي ۾ ملڪ کي ورهائي پئي، ٻيون جماعتون مذهب، فرقيواريت ۽ لسانيت جي بنياد تي ملڪ کي ورهائڻ جي ڪوشش پيون ڪن، انهن کي اسين 8 فيبروري تي جواب ڏينداسين

تير تي ٺپو هڻي شينهن جو رستو روڪڻو آهي، جيڪڏهن نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿي ويو ته  6 مهينن ۾ وري روئي چوندو ته مون کي ڇو گهرايو ويو؟ مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟

اسان جي معيشت کي جيڪڏهن نقصان ٿيو ته پراڻن ۽ بزرگ سياستدان جي ضد ۽ انا جي ڪري ٿيو آهي، ذاتي دشمني جي ڪري هنن پاڪستان جي معيشت، وفاق ۽ جمهوريت کي نقصان پهچايو آهي

جيڪڏهن چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ سياسي ۽  معاشي استحڪام اچي جنهن سان عوام جا مسئلا حل ٿين ته اهو ڪم ن ليگ يا پي ٽي آءِ نه پر رڳو پيپلز پارٽي ئي ڪري سگهي ٿي: لاڙڪاڻي ۾ جلسي کي خطاب

لاڙڪاڻو(رپورٽ:اياز ساريو )  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو  آهي ته  جيڪڏهن منهنجي ووٽ تي ڌاڙو لڳو ته اهڙو پيڇو ڪندس جو عمران  کي به وساري ڇڏيندا، پراڻن سياستدانن جي حڪومت ٺهي  ته ڌرڻا شروع ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عام چونڊن جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ جلسي  کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن صاف ۽ شفاف چونڊون ٿيون ته ٽڪ تي مقابلو ٿيندو، 8 فيبروري تي عوام کي گهرن مان نڪري ووٽ ڏيڻو آهي، ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽي جي خلاف سازشون ٿيون پر عوام وڏي تعداد ۾ ٻاهر نڪري ووٽ ڏنا جنهن ڪري گڙٻڙ ڪندڙ ڪا گڙٻڙ نه ڪري سگهندا آهن، 45 فارم وٺڻ کان بغير پولنگ اسٽيشن مان ٻاهر نڪرڻو ناهي. جيڪڏهن منهنجي ووٽ تي ڌاڙو هڻي ڇيڙڇاڙ ڪئي وئي ته مان انهن جو اهڙي نموني پيڇو ڪندس جو  هو عمران خان کي به وساري ڇڏيندا، مون اِهو چيو ته عمران خان سليڪٽيڊ آهي ۽ هي حڪومت هلائي نه ٿو سگهي ۽ پوءِ ان کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو، صاف ۽ شفاف چونڊون ٿيون ۽ اسان کٽيو ته مخالف به سياست جي دائري ۾ رهي سياست ڪندا، انشاءَ الله تعاليٰ مان اِهو ثابت ڪري ڏيکاريندس ته لاڙڪاڻي وارا جڏهن فيصلو ڪندا آهن ته پوءِ پوري پاڪستان کي اهو فيصلو مڃڻو پوندو آهي.هن وڌيڪ چيو ته ڊگهي وقت کان عوام لاڙڪاڻي جو وزيراعظم نه ڏٺو آهي. جڏهن لاڙڪاڻي جو وزيراعظم ٿيندو آهي ته پوءِ هن ملڪ جي مزدورن کي محنت جو سلو به ملندو آهي، هارين، آبادگارن کي فصل جي قيمت ملندي آهي، نوجوانن، ڀائرن ۽ ڀينرن کي روزگار جا موقعا به ملندا آهن، ملڪ جو سفيد پوش طبقو به ترقي ڪندو آهي، محنت ڪندڙ ننڍو واپاري به ترقي ڪندو آهي، ملڪ ۾ بنا ڪنهن فرق جي ڪم ڪيو ويندو آهي، ملڪ جي عورتن جو خيال رکيو ويندو آهي، ملڪ جي اقليتن کي تحفظ ڏنو ويندو آهي. لاڙڪاڻي جو وزيراعظم ترقي جي ڳالهه ڪندو آهي ته هو پنهنجي دوستن، اميرن ۽ اشرافيه جي ترقي نه پر هن ملڪ جي ترقي جي ڳالهه ڪندو آهي. هاڻي لاڙڪاڻي وارن جو وارو آهي، هي سڀ سياسي جماعتون جيڪي چونڊن ۾ حصو وٺي رهيون آهن جيڪي ماضيءَ جو حصو ٿي چڪيون آهن، هاڻي هو پنهنجي آخري اننگ کيڏي رهيا آهن، اسان هنن سڀني کي ڏٺو ۽ ڀوڳيو آهي، توهان کي خبر آهي ته جيڪو لاڙڪاڻي جو وزيراعظم ٿيندو آهي اهو پنهنجي واعدي تي عمل ڪندو آهي، هي جيڪي پراڻا سياستدان اڄ ڏينهن تائين سياست ۾ آهن اهي نفرت ۽ ورهاست کان سواءِ ڪجهه به نه ٿا ڄاڻن هي ملڪ کي پنهنجي نفرت جي سياست جي ڪري خطري ۾ وجهي رهيا آهن، هنن جي سياست سياست نه رهي آهي، هنن سياست کي ذاتي دشمني ۾ تبديل ڪري گار ڪري ڇڏي آهي پورو ملڪ مايوس آهي ڇا هي اسان جي قسمت آهي ته اسان هنن ئي شڪلن کي بار بار ڏسڻو آهي، اسان جي معيشت کي جيڪڏهن نقصان ٿيو ته پراڻن ۽ بزرگ سياستدان جي ضد ۽ انا جي ڪري ٿيو آهي، هنن جي ذاتي دشمني جي ڪري هنن پاڪستان جي معيشت، وفاق، جمهوريت کي نقصان پهچايو آهي اهو صرف ان ڪري هو چوٿين ڀيري هن ڪرسي تي ويهڻ چاهي ٿو ان کي ڪا ڳڻتي نه آهي ان جي ضد سان ملڪ جي جمهوريت جنهن لاءِ ملڪ جي عوام جان ۽ رت جي قرباني ڏني ان جمهوريت سان ڇا ٿي رهيو آهي، انهن جي ضد جي ڪري جيڪي معيشت سان کيڏندا رهيا آهن انهن کي اندازو نه آهي ته عوام ڪيتري تڪليف ۾ آهي، هنن جي ذاتي دشمني جي ڪري اسان کي معاشي بحران ۾ ڌڪيو ويو آهي، مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت ملڪ جي بلدترين سطح تي پهتل آهي پر هنن کي عوام جو نه پر رڳو ڪرسي جي ڳڻتي آهي، هنن جو طريقو ڏسو هنن پنهنجو منشور به پيش نه ڪيو ۽ نه ووٽ لاءِ عوام وٽ ويا آهن ۽ نه ئي چونڊ مهم هلائي آهي، هي پاڪستان جي عوام کي بيوقوف ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن کين خبر هئڻ گهرجي ته پاڪستاني عوام باشعور عوام آهي جيڪو کين به سڃاڻي ٿو ۽ انهن جي طريقي کي به سڃاڻي ٿو، اسان کي جيڪڏهن هن مشڪل مان نڪرڻو آهي ۽ اسين چاهيون ٿا ته هن ملڪ ۾ اُها سياسي استحڪام آڻي معاشي استحڪام آڻيون جنهن سان عوام جا مسئلا حل ٿين ته اهو ڪم ن ليگ يا پي ٽي آءِ نه پر رڳو پيپلز پارٽي ئي ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن ن ليگ يا پي ٽي آءِ مان ڪير حڪومت ٺاهيندو ته ٻئي ڏينهن کان ئي سياسي انتقام وٺندا ۽ ڌرڻا به شروع ٿي ويندا. هي توهان جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ سياسي مخالفن جي وٺ پڪڙ ڪندا، اها فلم اسان ٽي ڀيرا ڏٺي آهي ۽ چوٿين ڀيري جي خبر آهي ته ڇا ٿيندو، نواز شريف هميشه جهيڙا ڪندو آهي ۽ ٻئي ڀيري هن اميرالمومنين ٿيڻ جو خواب پئي ڏٺو، هو انهن سان به وڙهيو جن کيس وزيراعظم ڪرايو،  ان سان نقصان ملڪ، جمهوريت ۽ معيشت جو نقصان ٿيو، ٽيون ڀيرو به هن کي آر او چونڊن جي ذريعي عوام مٿان مڙهيو ويو ۽ هن وري اُهو ئي ڪم ڪيو، هن پاڪستان، جمهوريت، معيشت ۽ عوام کي نقصان ڏنو ۽ هاڻي هو چوٿون ڀيري پاڻ کي مڙهڻ جي ڪوشش ڪندي اهو تاثر ڏئي رهيو آهي ته هو 8 فيبروري کان پوءِ نه پر هاڻي کان ئي وزيراعظم آهي، هن کي ٻيو ڪجهه ناهي ڪرڻو آهي، جيڪڏهن چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿي ويو ته  6 مهينن ۾ وري روئي چوندو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟ مون کي ڇو گهرايو ويو؟ توهان کي 8 فيبروري تي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻو آهي، تير تي ٺپو هڻي شينهن جو رستو روڪڻو آهي، هي اُهو شينهن آهي جيڪو عوام، غريبن ۽ هارين جو رت پيئندو آهي، هڪ ئي رستو آهي توهان شينهن ۽ تير جي مقابلي ۾ پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏيو، تير تي ٺپو هڻو ۽ اسين گڏجي شينهن جو شڪار ڪري سگهنداسين، اسان کي حڪومت ۾ اچي ٻه ڪم ڪرڻا آهن نفرت ۽ ورهاست واري سياست کي دفن ڪري پاڪستان کي جوڙڻو آهي، مسلم ليگ ن  پنهنجي طاقت جي نشي ۾ ملڪ کي ورهائي رهي آهي ۽ ٻيون جماعتون مذهب، فرقيواريت، لسانيت جي بنياد تي ملڪ کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن انهن کي اسان 8 فيبروري تي جواب ڏينداسين ته هي پاڪستان ٻئي ڪنهن جو نه پر اسان جو آهي ۽ اسان ڪنهن کي نفرت ۽ ورهاست ڪرڻ نه ڏينداسين، ٻيو ڪم اسان کي پاڪستان جي عوام کي رليف ڏيڻو آهي ان لاءِ مون پنهنجي معاشي معاهدو پيش ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو