اسين نه ٿا چاهيون ته ڪٿي به قانون هٿ ۾ کنيو وڃي، سڀني لاءِ پيغام آهي ته ملڪ ۾ فوج، سول آرمڊ فورسز ۽ پوليس موجود آهي:وفاقي گهرو وزير
چونڊ مهم ختم، سڄي ملڪ ۾ سڀاڻي عام چونڊن لاءِ تياريون مڪمل، حساس علائقن ۾ پولنگ اسٽيشنن جي سيڪيورٽي لاءِ فوج مقرر
سڄي ملڪ ۾ 16 هزار 766 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس، 20 هزار 985 پولنگ حساس قرار ڏنيون ويون، موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس بند نه ڪرڻ جو فيصلو، سنڌ ۾مجموعي طور تي 19008 پولنگ اسٽيشنن مان 5657 نارمل، 6550 حساس ۽ 6801 انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنون شامل، سڄي ملڪ جي پولنگن تي چونڊ وارو سامان پڻ پهچايو ويو، نارمل پولنگ اسٽيشن تي 4 ۽ حساس پولنگ تي 5 پوليس اهلڪار ڊيوٽي ڏيندا، انتهائي حساس پولنگ اسٽيشن تي 7 پوليس اهلڪارن سان گڏ رينجرز ۽ فوج جا اهلڪار مقرر، 12 ڪروڙ 85 لک 85 هزار 760رجسٽرڊ ووٽر قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 855 تڪن تي پنهنجن اميدوارن جي چونڊ ڪندا، 90 هزار 675 پولنگ اسٽيشنون ۽ 2 لک 66398 پولنگ بوٿ قائم.
ڪنهن به علائقي ۾ موبائيل يا انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جو فيصلو نه ڪيو ويو آهي پر ڪنهن ضلعي يا صوبي جي درخواست آئي ته انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو: گوهر اعجاز،
انهن فورسز مان خطرو آهي جيڪي ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهيون ٿيون، آرمي جا ٽرينڊ ڪمانڊوز بلوچستان ۾ موجود هوندا، سمورن افواهن باوجود 8 فيبروري تي چونڊون ٿي رهيون آهن
اسلام آباد / ڪراچي( نمائندا ) پاڪستان ۾ نئين جمهوري حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ سڀاڻي پوري ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ تياريون مڪمل ٿي ويون آهي، ملڪ جي حساس علائقن ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سنڀالڻ لاءِ فوج کي پڻ مقرر ڪيو ويو آهي. پوري ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ اميدوارن جي هلندڙ چونڊ مهم رات 12 وڳي ختم ٿي وئي. حڪومت موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس بند نه ڪرڻ جو فيصلوڪيو آهي. سڀاڻي 12 ڪروڙ 85 لک 85760 رجسٽرڊ ووٽرز قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 855 تڪن تي پنهنجن اميدوارن جي چونڊ ڪندا، 90 هزار 675 پولنگ اسٽيشنون ۽ 2 لک 66398 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ 16 هزار 766 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس۽ 20 هزار 985 پولنگ حساس قرار ڏنيون ويون آهن، سنڌ ۾مجموعي طور تي 19008 پولنگ اسٽيشنن مان 5657 نارمل، 6550 حساس ۽ 6801 انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنون شامل آهن. جنرل پولنگ اسٽيشن تي 4 پوليس اهلڪار، حساس پولنگ اسٽيشن تي 5 ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشن تي 7 پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويندو. جڏهن ته اتي رينجرز ۽ فوج جا اهلڪار ڪوئڪ ريسپانس فورس طور ڊيوٽي ڏيندا. سڄي ملڪ جي پولنگن تي بيلٽ پيپر. بيلٽ باڪس ۽ ٻيو چونڊ وارو سامان پڻ پهچايو ويو آهي. هوڌانهن نگران وفاقي گهرو وزير گوهر اعجاز اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڃا تائين ڪنهن علائقي موبائيل يا انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جو فيصلو نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪنهن ضلعي يا صوبي جي درخواست آئي ته انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو. وفاقي گهرو وزير گوهر اعجاز چيو ته چونڊن واري ڏينهن امن هوندو ۽ چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ئي ذميواري آهي، 12 ڪروڙ کان وڌيڪ پاڪستاني 8 فيبروري تي ووٽ ڪاسٽ ڪندا، معاملا ۽ حالتون ڪنٽرول ۾ آهن ۽ سمورن افواهن باوجود 8 فيبروري تي چونڊون ٿي رهيون آهن. هن چيو اسين نه ٿا چاهيون ته سنڌ ۾ ڪٿي به قانون هٿ ۾ کنيو وڃي، سنڌ ۾ چونڊ وڙهندڙ پارٽيون ورهين کان اڳ ٻئي کي سڃاڻن ٿيون، سڀني لاءِ پيغام آهي ته سنڌ ۾ هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز ۽ پوليس بيٺي آهي. نگران گهرو وزير جو چوڻ هوته باجوڙ واقعي جي جاچ ڪرائي آهي، اِها سموري ڪارروائي کين ڊيڄارڻ لاءِ ڪئي پئي وئي، بلوچستان ۾ اليڪشن اميدوارن ۾ ڇڪتاڻ نه آهي، اتي چونڊ وڙهندڙ پارٽين جو پاڻ ۾ ڪو جهيڙو نه آهي، بلوچستان ۾ پوليس، سول آرمڊ ۽ فوجي اهلڪار مقرر آهن. گوهر اعجاز ٻڌايو ته 44 هزار پولنگ اسٽيشنز نارمل قرار ڏنو ويو آهي ۽ ويهه هزار نوَ سئو پنجاسي پولنگ اسٽيشن حساس جڏهن ته سورنهن هزار ست سئو ڇاهٺ پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي. بلوچستان جي رپورٽ پنهنجي اليڪشن سيل مان ورتي، اسان کي انهن فورسز مان خطرو آهي جيڪي ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهيون ٿيون. سيڪيورٽيءَ لاءِ اسان جي پوليس انهن پُٺيان آرمڊ فورسز آهن، اسان جي آرمي جا ٽرينڊ ڪمانڊوز بلوچستان ۾ موجود هوندا. ٻي پاسي سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ 30هين صوبائي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ چونڊ انتظامن ۽ نيشنل ايڪشن پلان جو جائزو ورتو ويو. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته مجموعي طور تي 19008 پولنگ اسٽيشنون هونديون جن ۾ 5657 نارمل، 6550 حساس ۽ 6801 انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنون شامل آهن. آءِ جي پوليس رفعت مختار پوليس جي مقرري بابت وضاحت ڪندي ٻڌايو ته جنرل پولنگ اسٽيشن تي 4 پوليس اهلڪار، حساس پولنگ اسٽيشن تي 5 ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشن تي 7 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. پولنگ اسٽيشنن تي ڪُل 143,156 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا جن ۾ 95,400 جنرل پولنگ اسٽيشنن تي، 10,648 ڪيو ايف آر پوليس ۽ 37,108 معاون فورس جا اهلڪار شامل آهن. انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي پوليس فورس کان علاوه ڪي آر ايف ڊيوٽي لاءِ رينجرز ۽ فوج کي مقرر ڪيو ويندو.