12

سڀاڻي پيپلزپارٽي جي تاريخي سوڀ جو ڏينهن آھي، مخالفن جي تڏا ويڙهه ٿي ويندي: علي حسن زرداري

ماڻهو ڀرپور نموني سان پولنگ واري ڏينهن ووٽ جو حق استعمال ڪندي تير تي ٺپو هڻي پيپلزپارٽي کي سوڀارو ڪن

ميرپور ساڪرو تعلقي سميت پوري ضلعي  ٺٽي جو پاڻي، صحت، بجلي، روڊ ۽ سئي گئس سميت بنيادي مسئلا حل ڪنداسين

آمريت جي نرسريءَ ۾ پيدا ٿيندڙ ليڊر عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن، پاڪستان جو عوام پ پ سان گڏ آھي: غلام قادر پليجو

ميرپور ساڪرو تعلقي سميت پوري ضلعي  ٺٽي جو پاڻي، صحت، بجلي، روڊ ۽ سئي گئس سميت بنيادي مسئلا حل ڪنداسين

آمريت جي نرسريءَ ۾ پيدا ٿيندڙ ليڊر عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن، پاڪستان جو عوام پ پ سان گڏ آھي: غلام قادر پليجو

پ پ اميدوار علي حسن زرداري جو گهارو ۾ شاندار جلسو، عاشق حسين زرداري، امتياز قريشي، سرمد پليجو، محمود عالم بخاري ۽ ٻيا شريڪ

ٺٽو / گهارو (نمائندن وٽان) پي ايس 76ساڪرو تي پ پ پ جي نامزد اميدوار علي حسن زرداري جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ اڳوڻي ايم پي اي غلام قادر پليجو پاران گهارو ۾ منعقد ڪيل

 جلسي ۾ علي حسن زرداري ۽ غلام قادر پليجو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ پ پ پ جي هردور ۾ سنڌ جي ماڻهن کي روزگار مليو آھي، آمريت جي ساٿارين سنڌ کي هميشه مالِ غنيمت سمجهي ڦُرلٽ ڪئي آهي، انهن کي عوام ڌڪاري ڇڏي، ڪاميابي بعد ساحلي علائقن ۽ ڀنڀور جي زمين تان قبضا ختم ڪرايا ويندا، هنن وڌيڪ چيو ته عوام دشمن قوتن کي عام ماڻهن جو استحصال ڪرڻ نه ڏنو ويندو، سنڌ ۽ پاڪستان هن وقت ڏکين حالتن ۾ آھي، قومي ٻڌي ذريعي هن ملڪ کي ڏکين حالتن مان ٻاهر ڪڍي سگهجي ٿو، تنهنڪري جمهوري حڪومت جو هجڻ ضروري آھي، جمهوريت دشمن قوتن جا لاڏلا  ۽ آمريت جي نرسريءَ ۾ پيدا ٿيندڙ ليڊر عوام کي گمراھ ڪري رهيا آھن پر پاڪستان جو عوام پيپلز پارٽي سان گڏ آھي، پ پ پ شهيدن جي پارٽي آھي جيڪاپاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت آڻڻ چاهي ٿي تنهنڪري ووٽ پ پ پ جي نامزد ٿيل اميدوارن کي ڏنو وڃي. اڳوڻن وڌيڪ چيو ته 8 فيبروري پيپلزپارٽي لاءِ فتح جو ڏينهن آھي، هن تڪ جا ماڻهو ڀرپور نموني سان پولنگ واري ڏينهن گهرن کان نڪري پولنگ اسٽيشنز تي پهچي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندي تير تي ٺپو هڻي پيپلزپارٽي کي سوڀارو ڪن. اڳوڻن وڌيڪ چيو ته ميرپور ساڪرو تعلقي سميت پوري ضلعي ٺٽي جا بنيادي مسئلا جن ۾ پاڻي، صحت، روڊ رستن توڙي بجلي سئي گئس جهڙن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرايو ويندو. ان موقعي تي نوجوان پ پ اڳواڻ عاشق حسين زرداري، پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري امتياز قريشي، سيد محمود عالم شاھ بخاري ، سرمد پليجو سميت وڏي انگ ۾ پ پ ڪارڪنن توڙي تڪ جي ووٽرن شرڪت ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو