بلاول ڀٽو زرداري پاران انٽرنيٽ سروس فوري بحال ڪرڻ جو مطالبو
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس فوري طور تي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس کي جلد بحال ڪيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته موبائيل فون ۽انٽرنيٽ سروس بند هجڻ بابت پارٽي کي اليڪشن ڪميشن ۽ عدالت سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.