12

نواز ليگ کي پنهنجو سياسي سرمايو ٻيهر داءُ تي لڳائڻو پوندو: سينيٽر عرفان صديقي

اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ ن جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته ن ليگ کي پنهنجو سياسي سرمايو ٻيهر داءُ تي لڳائڻو پوندو. خابرو اداري جي اليڪشن ٽرانسميشن ۾ ڳالهائيندي عرفان صديقي چيو ته جيڪڏهن ملڪ کي افراتفري ۽ اسيمبلي ٽوڙڻ کان بچائڻ لاءِ ڪابه قيمت ادا ڪرڻي پوي ته اسان تيار آهيون، هن چيو ته نواز ليگ کي شايد پنهنجو سياسي سرمايو ٻيهر داءُ تي لڳائڻو پوندو ڇو ته جيڪڏهن ڪا پارٽي حڪومت نه ٺاهي ته آئين ۾ واضح لکيل آهي ته اسيمبلي ٽوڙي ويندي ۽ ٻيهر چونڊون ڪرايون وينديون، اهو عمل ملڪ لاءِ سٺو نه هوندو. هن چيو ته نواز شريف ٽي ڀيرا وزيراعظم رهيو، اهو چوٿون ڀيرو به وزيراعظم ٿيڻ جو حق رکي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو