27

ڪوئيٽا مان ڪامياب اميدوار مٿان افغان شهريت جو الزام

ڪوئيٽا مان ڪامياب اميدوار مٿان افغان شهريت جو الزام

پي بي 44 تان ڪامياب اميدوار پاڪستاني شهري ناهي: لشڪري رئيساڻي

عبيد گورگيج جو تعلق افغانستان سان آهي: بلوچستان گرينڊ الائنس سربراهه

عبيد گورگيج پاران الزام رد، جنهن کي شڪ آهي اهو عدالت وڃي: اميدوار

ڪوئيٽا (م ڊ) لشڪري رئيساڻي ڪوئيٽا مان ڪامياب اميدوار مٿان افغان شهريت جو الزام لڳائي ڇڏيو آهي، بلوچستان گرينڊ الائنس جي سربراهه لشڪري رئيساڻي چيو آهي ته ڪوئيٽا جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي بي 44 تان ڪامياب اميدوار عبيد گورگيج پاڪستاني شهري ناهي، عبيد گورگيج جو تعلق افغانستان جي صوبي نمروز سان آهي، ٻئي طرف ڪامياب اميدوار عبيد گورگيج الزام رد ڪندي چيو آهي ته جنهن کي منهنجي قوميت تي شڪ آهي اهو عدالت وڃي، سڀ ڪجهه خبر پئجي ويندي، هن چيوته مون تي لڳايل الزام بي بنياد آهن، مون وٽ به اهو ئي قومي شناختي ڪارڊ آهي، جيڪو سڀني وٽ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو