28

غزه ۾ جارحيت، ايران پاران اسرائيلي فٽبال ٽيم تي پابندي جو مطالبو

اسرائيلي فيڊريشن کي فٽبال سان لاڳاپيل سرگرمين کان معطل ڪيو وڃي: ايراني فيڊريشن

فيفا جا ميمبر غزه جي معصوم شهرين جي خوراڪ، دوائن ۽ پاڻي جو بندوبست ڪن

فلسطيني شهر تي 7 آڪٽوبر کان اسرائيلي حملن ۾ هزارين شهيد ٿي چڪا آهن

تهران (اسپورٽس نيوز) ايران جي فٽبال فيڊريشن چيو آهي ته هن فيفا کي غزه ۾ جاري جارحيت تي اسرائيل جي

 فٽبال فيڊريشن کي معطل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ايراني فٽبال فيڊريشن جي ويب سائيٽ تي شايع ٿيل هڪ اعلان ۾، ايران فيفا کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي فيڊريشن کي فٽبال سان لاڳاپيل سڀني سرگرمين کان مڪمل طور تي معطل ڪيو وڃي. نيوز ايجنسي اي ايف پي جي مطابق درخواست ۾ فيفا ۽ ان جي ميمبر تنظيمن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو فوري طور تي اسرائيلي ڏوهن جو تسلسل بند ڪن ۽ معصوم ماڻهن ۽ شهرين کي کاڌ خوراڪ، پيئڻ جو پاڻي، دوائون ۽ طبي سامان فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. 7 آڪٽوبر کان غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ 27 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ اڪثريت عورتون ۽ ٻار آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو