22

سنڌ گيمز لاڙڪاڻو ريجن ۾ باڊهه جون ڇوڪريون ميدان ماري ويون

گرلز جي سيمي فائنل ميچ ۾ باڊهه لاڙڪاڻي جي ٽيم کي هارائي فائنل ۾ پهتي

فائنل ميچ ۾ گرلز ڊگري ڪاليج باڊھه ٽيم بيگم ڀٽو کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن انيلا ابڙو ۽ ٻين رانديگرياڻين کي انعام ڏنا

نئون ڳوٺ (ن سوڀ) نئون ڳوٺ سنڌ ڪاليج گيمز ريجن لاڙڪاڻو جي سلسلي ۾ ڊائريڪٽوريٽ ڪاليجز لاڙڪاڻو ريجن جي نگراني ھيٺ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي ميزباني ۾ گورنمينٽ  بوائز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ انٽرا ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻو گرلز ڪرڪيٽ ٿي گذري پھرين سيمي فائنل ميچ ۾ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج  لاڙڪاڻو جي ٽيم شھيد محترما بينظير  ڀٽو گورنمينٽ ڪاليج آف ايجو ڪيشن لاڙڪاڻو جي ٽيم کي  شڪست ڏئي فائنل ۾ پھچي وئي ٻئين سيمي فائنل ميچ ۾ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج باڊھه جي ٽيم بيگم نصرت ڀٽو گورنمينٽ گرلز ڪاليج لاڙڪاڻو جي ٽيم کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پھچي وئي فائنل ميچ ۾  گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج باڊھه جي ٽيم گورنمينٽ گرلز  ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي ٽيم کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل پنھنجي نالي ڪيو اڄ جي فائنل ميچ جو  مھمان خاص پرنسپال گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو پروفيسر الطاف حسين ابڙو ان سان گڏ پرنسپال گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو پروفيسر نفيس اختر انصاري پرنسپال گورنمينٽ آرٽس ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو پروفيسر رضوان گل پرنسپال گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج  باڊھ پروفيسر صدوران سولنگي پروفيسر امتياز علي شاھ ريجنل پروگرام ڪوآرڊينيٽر خادم حسين گوپانگ ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن انيلا ابڙو  پروفيسر امتياز علي پروفيسر  محمد جعفر  ۽ ٻين مھمانن کھلاڙين ۾ انعامات ورھايا

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو