ايئر ڪرافٽ ايڪسيڊنٽ انويسٽيگيشن بورڊ پي آءِ اي جي جهاز جي حادثي بابت 4 سال کانپوءِ حتمي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جهاز ڪرڻ سبب 99 ماڻهو فوت ٿيا
ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ مڪمل، پائليٽ ۽ ايئر ٽرئفڪ ڪنٽرول انتظاميا ذميوار قرار، جاچ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف
واضح طور تي حادثو انساني غلطي سبب پيش آيو، لينڊنگ کان 4 ڀيرا اڳ ايئر ٽرئفڪ ڪنٽرولر پائليٽن کي لينڊنگ کان روڪيندي ٻڌايو ته جهاز گهڻو مٿي آهي
پنجين ڀيري هوائي ٽرئفڪ ڪنٽرولر لينڊنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ٻنهي پائليٽن ۽ ايئر ٽرئفڪ ڪنٽرولر وچ ۾ رابطي ۽ ڪو آرڊينيشن وچ ۾ فقدان نظر آيو
پهرين لينڊنگ دوران ٻئي پائليٽ هڪٻئي سان متفق نه هئا، ان دوران جهاز جا ڦيٿا کليل هئا پر اصل لينڊنگ دوران ٻنهي پائليٽن مان ڪنهن هڪ لينڊنگ گيئر بند ڪئي
لينڊنگ وقت جهاز رن وي سان ٽڪر کاڌو ته ڦيٿن مان باهه جا شعلا نڪتا ۽ انجڻ کي نقصان پهتو پر ان باوجود به ايئر ٽرئفڪ ڪنٽرولر پائليٽن کي آگاهي نه ڏني
لبريڪينٽ آئل سپلاءِ جي ڪم ڪندڙ سسٽم کي نقصان پهچڻ سان جھاز جون ٻئي انجڻون بند ٿي ويون ۽ جهاز ڪري تباهه ٿي ويو: جاري ڪيل رپورٽ جا تفصيل
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايئر ڪرافٽ ايڪسيڊنٽ انويسٽيگيشن بورڊ پي آءِ اي جي اڏام 8303 حادثي جي لڳ ڀڳ 4 سالن کانپوءِ حتمي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. 22 مئي 2020 تي پي آءِ اي جو ايئربس اي 320 جهاز ڪراچي ايئرپورٽ جي ويجهو آبادي واري علائقي ماڊل ڪالوني ۾ لينڊنگ جي ڪوشش دوران ڪري تباهه ٿي ويو هو، جنهن ۾ 99 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا. جهاز حادثي جي رپورٽ ايوي ايشن ڊويزن پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب حادثو واضح طور تي انساني غلطي سبب پيش آيو، لينڊنگ کان 4 ڀيرا اڳ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر پائلٽ کي لينڊنگ کان روڪيو، پائليٽ کي ٻڌايو ويو ته جهاز جي اوچائي گهڻي آهي پر پنجين ڀيري هوائي ٽريفڪ ڪنٽرولر لينڊنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي پائليٽن ۽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولرز وچ ۾ رابطي ڪو آرڊينيشن جو فقدان هو ۽ پهرين لينڊنگ جي ڪوشش دوران ٻئي پائليٽ لينڊنگ لاءِ هڪٻئي سان متفق نه هئا، پهرين لينڊنگ لاءِ جهاز جا ڦيٿا يعني لينڊنگ گيئر کليل هئا پر اصل لينڊنگ جي وقت ٻن پائليٽن مان ڪنهن هڪ پائليٽ ٻيهر لينڊنگ گيئر بند ڪري ڇڏيا، جهاز پهريون ڀيرو لينڊنگ گيئر کولڻ کانسواءِ لينڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پهرين لينڊنگ جي ڪوشش دوران جهاز جي انجڻ رن وي سان ٽڪرائجي وئي، انجڻ رن وي سان ٽڪرائجڻ سبب باهه جا شعلا نڪتا پر ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر پائليٽن کي شعلا نڪرڻ بابت آگاهي نه ڏني. رن وي ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب جهاز جي ٻنهي انجڻين کي نقصان پهتو ۽ ٻنهي انجڻين کي لبريڪينٽ آئل سپلاءِ جي ڪم ڪندڙ سسٽم کي نقصان پهتو، جنهن سبب ٻئي انجڻون هڪ ئي وقت بند ٿي ويون، انجڻ بند ٿيڻ سبب جهاز هيٺ ڪري پيو ۽ حادثو پيش آيو، جهاز جي ٻنهي انجڻن جي بند ٿيڻ سبب بجلي بند ٿي وئي، جنهن سبب اڏام جي آخري 4 منٽن جو ڊيٽا رڪارڊ نه ٿي سگهي. حادثي جي انتظامي ذميواري به پي آءِ اي ۽ پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي تي وڌي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سول ايوي ايشن اٿارٽي جا ضابطا واضح ناهن ته پائليٽ روزا رکڻ دوران جهاز جي اڏام ڪندا يا نه. پي آءِ اي ۾ هر اڏام کانپوءِ فلائيٽ ڊيٽا جو خيال ناهي رکيو ويندو، فلائيٽ ڊيٽا اينالائسس نه هجڻ سبب فلائيٽ جي طريقيڪار سان لاڳاپيل پائليٽ جون غلطيون سامهون نه اينديون آهن، جنهن سبب انهن غلطين کي درست ڪرڻ تي ڌيان نه ڏنو ويندو آهي. 22 مئي 2020 تي رمضان المبارڪ ۾ جمعي جي ڏهين وڳي لاهور کان ڪراچي ويندڙ پي آءِ اي جي بدقسمت اڏام پي ڪي 8303 ۾ مسافرن ۽ عملي سميت 99 ڄڻا سوار هئا، حادثي ۾ 97 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، 2 مسافر معجزاڻي طور بچي ويا، جڏهن ته جهاز آبادي تي ڪرڻ سبب هيٺ زمين تي 2 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.