45

ايس پي ايس سي جو پرچو آئوٽ ڪرڻ وارو ڪيس، ٻن جوابدارن جي ضمانت منظور

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سيونٿ ايڊيشنل سيشن جج حيدرآباد جي عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جي ڀرتي لاءِ ٿيندڙ ٽيسٽ جو پرچو اڳواٽ آئوٽ ڪرڻ جي ڪيس ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي معطل ٿيل ٻن سينيئر ڪمپيوٽر آپريٽرن سجاد علي ۽ احسن ظھير جي ھڪ ھڪ لک رپين عيوض عبوري ضمانتون منظور ڪري ورتيون آهن، ياد رھي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جي ڀرتي لاءِ ٿيندڙ ٽيسٽ جو پرچو اڳواٽ آئوٽ ڪرڻ جي الزام ھيٺ جي او آر پوليس پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪنٽرولر امتحان عبدالحفيظ لغاري جي فرياد تي پبلڪ سروس ڪميشن جي اسسٽنٽ ڪنٽرولر امتحان زين العالم کهڙو سميت 9 ملازمن 2 سينيئر ڪمپيوٽر آپريٽرن سجاد علي ۽ احسن ظهير ۽ 6 نائب قاصدن  اڪبر ڏاهري، خان محمد شاھ، دانيال قمبراڻي، شاھزيب ابڙو، شاھزيب جعفري ۽ عزيز احمد برفت خلاف جعلسازي جو قلم 409,411,420, 465 34 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيو هو، جنھن ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اسسٽنٽ ڪنٽرولر امتحان زين العالم کهڙو کي مک جوابدار ڄاڻايو ويو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو