23

حيدرآباد ۾ مبينا پوليس مقابلو، هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ چينل واھ ويجھو پوليس جي ڇاپي دوران مبينا پوليس مقابلو، ھڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار، ساٿي فرار، پوليس ترجمان موجب پنياري پوليس ڳجھي اطلاع تي چينل واھ ويجھو مسلم قبرستان وٽ ڦورن جي اطلاع تي ڇاپو ھنيو ته مبينا مقابلو ٿي پيو، پوليس جي پھچڻ تي جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪئي،  جوابي فائرنگ ۾ ھڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ طارق ابڙو جي نالي سان ٿي آھي ،  جڏهن ته جوابدار جو ساٿي فرار ٿي ويو، جوابدار وٽان پسٽل ھٿ ڪيو ويو آهي، گرفتار زخمي جوابدار کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس واقعي واري ھنڌ تان چوري ۽ ڦر ڪيل سامان پڻ ھٿ ڪري ورتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو