52

هدايت لوهار جو قتل ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف احتجاج جاري،

هدايت لوهار جو قتل ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف احتجاج جاري، عدالت پاران پوليس کان ثبوت طلب

نصيرآباد ۾ جسٽس فار هدايت لوهار ايڪشن ڪميٽي طرفان 11هين ڏينھن به احتجاجي ريلي، نعريبازي

هدايت لوهار ٿاڻي سامھون قتل ٿيو، فوٽيج قاتلن کي واضح ڪن ٿا پر پوليس ڪيس داخل نه ٿي ڪري: سورٺ لوهار ۽ ٻيا

قمبر ۾ ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو جي عدالت ۾ ٻڌڻي، فوٽيجز ۽ ٻيا ثبوت 2 مارچ تي پيش ڪرڻ جو حڪم

عدليه مان اميد آهي ته قتل جي ايف آءِ آر حقيقي جوابدارن مٿان داخل ڪرائي ويندي: سسئي لوهار/ سارنگ لوهار

قمبر / نصيرآباد (نمائندن وٽان) قومپرست اڳواڻ ۽ استاد هدايت لوهار جو قتل ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي، سخت نعريبازي، قاتل گرفتار ڪرڻ جو مطالبو، عدالت ۾ ٻڌڻي، 2 مارچ تي پوليس کي ثبوت پيش ڪرڻ جو حڪم رپورٽ موجب نصيرآباد ۾ قومي اڳواڻ ۽ استاد هدايت لوهار جو قتل ڪيس داخل نه ڪرڻ ۽ قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪالهھ جسٽس فار هدايت لوهار ايڪشن ڪميٽي طرفان يارهين ڏينھن به نوناري محلي کان احتجاجي ريلي ڪڍي آرٿر پل وٽ پهچي سخت نعريبازي ڪئي وئي، ريلي ۾ شھر توڙي ڀرپاسي واري علائقن جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن، استادن، عورتن، ٻارڙن، سول سوسائٽي ۽ شھرين ڀرپور شرڪت ڪئي، اڳواڻن سورٺ لوهار، مرتضيٰ چانڊيو، اشفاق مسڻ، منصور سومري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شھيد هدايت لوهار جو بيگناهه قتل پوري انسانيت ۽ معاشري جو قتل آهي، هنن چيو ته هڪ استاد ٿاڻي جي سامھون وچ شھر ۾ قتل ٿيو، سي سي ٽي وي فوٽيج قاتلن کي واضح ڪن ٿا پر پوليس ڪيس داخل نه ٿي ڪري، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي قاتلن کي گرفتار ڪري ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي، هوڏانهن قتل ڪيل استاد هدايت لوهار جي نياڻي سسئي لوهار، پٽ سارنگ لوهار، سورهيه سنڌي، عنايت الله لوهار، لطيف ميمڻ ۽ ايڊوڪيٽ محب آزاد پريس ڪلب قمبر پهچي صحافين کي ٻڌايو ته قمبر ۾ ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جتي ڊي ايس پي قمبر پيش ٿيو، جنهن تي جج پوليس کي حڪم جاري ڪيو ته واقعي جا فوٽيجز ۽ ٻيا ثبوت 2 مارچ تي ٻڌڻي دوران پيش ڪيا وڃن، هنن وڌيڪ چيو ته اسان کي عدليه مان اميد آهي ته قتل جي ايف آءِ آر حقيقي جوابدارن مٿان داخل ڪئي ويندي ۽ ايماندار آفيسر مقرر ڪري انڪوائري ڪري اسان کي انصاف ڏياريو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو