16

ڪنڊيارو تعلقه اسپتال ۾ سھولتن جي اڻهوند خلاف شهر ۾ شٽربند ھڙتال، احتجاجي مظاهرو

سياسي سماجي اڳواڻن، دڪاندارن ۽ شھرين شٽربند هڙتال ۽ مظاهرو ڪري اسپتال جي گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو،نعريبازي

اسپتال ۾ علاج ۽ دوائون ناھن، ڊاڪٽر ويزا تي ويل، جنريٽر ۽ ايمبولينس جي بجيٽ ھڙپ ڪئي پئي وڃي: اڳواڻ

انتظاميا ھٿ وٺي اسپتال تباھ ڪري پئي، ايم ايس ھٽائي اسپتال ۾ سھولتون ڏئي عوام کي رليف ڏنو وڃي

اسسٽنٽ ڪمشنر رضا محمد شر پهچي اسپتال جا مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو

ڪنڊيارو (ن سوڀ) ڪنڊيارو تعلقه اسپتال ۾ سھولتن جي کوٽ ۽ ٻين مسئلن خلاف شٽربند ھڙتال، اسپتال جي گيٽ اڳيان سياسي سماجي اڳواڻن، دڪاندارن ۽ شھرين جو ڌرڻو، ايم ايس خلاف نعريبازي، اسسٽنٽ ڪمشنر جي خاطري تي ڌرڻو ختم، خبر موجب ڪنڊيارو تعلقه اسپتال ۾ سھولتن جي کوٽ ۽ ٻين مسئلن خلاف دڪاندار ايسوسيئيشن جي سڏ تي شٽربند ھڙتال ڪري تعلقه اسپتال جي گيٽ اڳيان سياسي سماجي اڳواڻن، دڪاندارن ۽ شھرين مير خان سھتو، نعيم ڏھراج، سليم آڳرو، ظفر سولنگي،  سجاد عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري اسپتال گيٽ آڏو ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي، مظاهرين چيو ته اسپتال جي انتظاميا ھٿ وٺي اسپتال تباھ ڪري رھي آهي، اسپتال ۾ علاج ناھي، دوائون مريضن کي ڏيڻ بدران کپايون پيون وڃن، ڪافي ڊاڪٽر ويزا تي ويل آھن، ايمرجنسي ۾ به دوائون ناھن ۽ مريضن کي سرنج به ٻاھران وٺرائي پئي وڃي، جنريٽر ۽ ايمبولينس لاءِ ملندڙ تيل واري بجيٽ ھڙپ ڪئي پئي وڃي ۽ ريفر ٿيندڙ مريض سرڪاري ايمبولينس بدران خانگي ايمبولينس ڪرائڻ تي مجبور آھن، اسپتال اندر ناجائز قبضا ڪيا ويا آھن، ھنن صحت کاتي جي اعلي’ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته ايم ايس کي ھٽائي اسپتال ۾ سھولتن جي کوٽ ختم ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي، ٻئي پاسي اسسٽنٽ ڪمشنر رضا محمد شر مظاھرين سان ڳالھيون ڪري اسپتال جا مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو