20

لاڙڪاڻي ۾ سيشن جج استعيفا واپس وٺي ڇڏي

لاڙڪاڻي ۾ سيشن جج استعيفا ڏئي ڇڏي، هاءِ ڪورٽ جي جج تي سنگين الزام

سيشن جج سيد شرف الدين شاهه جسٽس سليم جيسر جي رويي خلاف استعيفا ڏئي ڇڏي

پٽيوالي جي نوڪري ڏيڻ لاءِ جسٽس سليم ايڊيشنل رجسٽرار ذريعي پيغام اماڻيو: سيشن جج

سندس منشي ڌمڪيون به ڏنيون، انسپيڪشن دوران منهنجي خلاف بغير ثبوتن نوٽيس لکيو

27 سال جوڊيشري جو حصو رهيو آهيان، هن ذلت جي ماحول ۾ نوڪري نه ٿو ڪري سگهان

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سيد شرف الدين شاهه سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سليم جيسر جي رويي خلاف عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي، سيشن جج لاڙڪاڻو پنهنجي استعيفا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار ڏانهن اماڻي ڇڏي. استعيفا جي متن ۾ سيشن جج ڄاڻايو آهي ته پٽيوالي جي نوڪري بغير ميڊيڪل حاصل ڪرڻ لاءِ جسٽس سليم جيسر طرفان ايڊيشنل رجسٽرار ذريعي پيغام اماڻيو ويو، قاعدن جي خلاف نوڪري نه ڏيڻ تي جسٽس سليم جيسر ناراض هو، سليم جيسر جي منشي رهندڙ محمد ملوڪ منهنجي آفيس ۾ اچي نوڪري نه ڏيڻ تي ڌمڪيون به ڏنيون، جسٽس سليم جيسر جي انسپيڪشن جي دروان ايڊيشنل رجسٽرار جونيئر هوندي مون کي هدايتون ڏيندو رهيو، جسٽس سليم جيسر جي انسپيڪشن جي دوران لکيل نوٽيس به سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيو ويو، انسپيڪشن جي دوران جسٽس سليم جيسر طرفان منهنجي خلاف بغير ثبوتن جي نوٽيس لکيو ويو، انسپيڪشن دوران لکيل نوٽيس منهنجي ذاتي فائل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم به جسٽس سليم جيسر طرفان جاري ڪيو ويو، 27 سال جوڊيشري جو حصو رهيو آهيان، هن ذلت جي ماحول ۾ نوڪري ڪري نه ٿو سگهان.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو