18

پنجاب حڪومت پاران ٻه جديد هاءِ پرفارمنس مرڪز پي سي بي حوالي

پنجاب حڪومت پاران ٻه جديد هاءِ پرفارمنس مرڪز پي سي بي حوالي

سيالڪوٽ ۽ فيصل آباد هاءِ پرفارمنس سينٽرن ۾ جديد ترين سهولتون موجود

ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ سينٽر پي سي بي کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو

ٻنهي هاءِ پرفارمنس سينٽرن سان گڏ ڪرڪيٽ گرائونڊ پڻ آهن

ٻه هاءِ پرفارمنس سينٽر ملڻ بعد پي سي بي وٽ سينٽرن جو انگ 5 ٿي ويو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پنجاب حڪومت پاران ٻه جديد هاءِ پرفارمنس مرڪز پي سي بي حوالي ڪيا ويا آهن، رپورٽ موجب سيالڪوٽ ۽ فيصل آباد هاءِ پرفارمنس سينٽرن ۾ جديد ترين سهولتون موجود آهن، جيڪي پي سي بي حوالي ڪيا ويا آهن، ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ سينٽر پي سي بي کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ٻنهي هاءِ پرفارمنس سينٽرن سان گڏ ڪرڪيٽ گرائونڊ پڻ آهن، ٻه هاءِ پرفارمنس سينٽر ملڻ بعد پي سي بي وٽ سينٽرن جو انگ 5 ٿي ويو آهي، پي سي بي  ٻنهي نون سينٽرن ۾ ايونٽس ۽ ڪوچنگ پروگرامن جي منصوبابندي ڪندي، ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ نديم خان چيو آهي ته مان پي سي بي کي ٻه هاءِ پرفارمنس سينٽر سونپڻ تي پنجاب حڪومت جو شڪرگذار آهيان.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو