انگلينڊ کي چوٿين ٽيسٽ ۾ به شڪست، ڀارت کي 1-3 جي برتري حاصل
رانچي ۾ چوٿين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ پاران ڏنل 192 رنسن جو هدف ڀارت 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو
آخري اننگز ۾ ڀارتي ڪپتان روهيت شرما 55 ۽ شبمن گل 52 رنسن سان نمايان رهيا : پرڏيهي ميڊيا
سيريز جي چوٿين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ انگلينڊ 353 رنسون ٺاهيون، ڀارت جواب ۾ 307 رنسون ٺاهي سگهي
انگلش ٽيم ٻي اننگز ۾ ڀارتي اسپنرز جو مقابلو نه ڪري سگهي ۽ 145 رنسن تي ئي ڍير ٿي وئي
پهرين اننگز ۾ 90 ۽ ٻي اننگز ۾ ناقابل شڪست 39 رنسون ٺاهيندڙ دهروو جوريل ميچ جو بهترين رانديگر قرار
ممبئي(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ کي چوٿين ٽيسٽ ۾ به شڪست، ڀارت کي 1-3 جي برتري حاصل، رانچي جي ميدان تي کيڏيل چوٿين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ پاران ڏنل 192 رنسن جو هدف ڀارت 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو، آخري اننگز ۾ ڀارتي ڪپتان روهيت شرما 55 ۽ شبمن گل 52 رنسن سان نمايان رهيا، سيريز جي چوٿين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ انگلينڊ 353 رنسون ٺاهيون، ڀارت جواب ۾ 307 رنسون ٺاهي سگهي، انگلش ٽيم ٻي اننگز ۾ ڀارتي اسپنرز جو مقابلو نه ڪري سگهي ۽ 145 رنسن تي ئي ڍير ٿي وئي، پهرين اننگز ۾ 90 ۽ ٻي اننگز ۾ ناقابل شڪست 39 رنسون ٺاهيندڙ دهروو جوريل کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.