31

صدر عارف علوي خلاف آئين ٽوڙڻ جا 2 ڪيس داخل ٿيندا: بلاول ڀٽو زرداري

 پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته صدر عارف علوي خلاف آئين ٽوڙڻ جا 2 ڪيس داخل ٿيندا، هڪ ڪيس بي اعتمادي رٿ جي موقعي تي اسيمبلي ٽوڙڻ جو داخل ٿيندو، ٻيو ڪيس چونڊن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس نه سڏائڻ تي داخل ٿيندو

پي ٽي آءِ وارا پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، آصف زرداري ته اهو پيغام ڏنو آهي ته هو مفاهمت جو جيڪو عمل شروع ڪندو ان ۾ پي ٽي آءِ به شامل هوندي

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته  غلطيون اسان کان به ٿينديون پر سڀ کان وڌيڪ غلطيون اڊيالا جيل ۾ ويٺل شخص ڪيون آهن

هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا اڄ به نه آئين کي مڃين ٿا ۽ نه جمهوريت کي مڃين ٿا، ذوالفقار علي ڀٽو جو جڊيشل ٽرائل نه پر عدالتي قتل ٿيو هو

بلاول چيو ته مون، آصفه، فاطمه ۽ ذوالفقار جونيئر اڃا پنهنجو موقف پيش نه ڪيو آهي، اميد آهي ته شهيد ذوالفقار ڀٽو سان انصاف ڪيو ويندو

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو