31

عمران خان، عامر ڊوگر کي قومي اسيمبلي اسپيڪر جو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف عامر ڊوگر کي قومي اسيمبلي اسپيڪر جي اميدوار طور نامزد ڪري ڇڏيو.
راولپنڊي ۾ اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري عمر ايوب چيو ته عمران خان عامر ڊوگر کي قومي اسيمبلي اسپيڪر، جڏهن ته جنيد خان کي ڊپٽي اسپيڪر جي اميدوار طور نامزد ڪيو آهي.
هن چيو ته فارم 45 اسان وٽ موجود آهن، آخري ساهه تائين وڙهنداسين، ڪاميابي پي ٽي آءِ جي ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو