20

صدر جي ووٽ لاءِ ايم ڪيو ايم وٽ به وينداسين: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صدر جي ووٽ لاءِ ايم ڪيو ايم وٽ به وينداسين.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته خيبر پختونخواهه جي نئين چونڊيل وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي تقرير سان خبر پئي ته پارٽي گائيڊ لائن ڇا آهي.
هن چيو ته صدارتي چونڊن ۾ ووٽ لاءِ ايم ڪيو ايم وٽ به وينداسين، ايم ڪيو ايم سان ماضي ۾ سٺا لاڳاپا رهيا.
سندس چوڻ هو ته اسان جي لوڪل گورنمينٽ هن وقت امپاور آهي، ايم ڪيو ايم جي بلديات بابت ڊيمانڊ پنجاب لاءِ ٿي سگهي ٿي.
مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ڌانڌلي جي حوالي سان چئي چڪو آهي، اسان کي سنڌ سميت هر هنڌ خدشا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو