19

نصيرآباد ۾ قتل ڪيل قومي ڪارڪن ۽ استاد جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو

نصيرآباد (رپورٽ: امتياز علي سومرو ) نصيرآباد ۾ قتل ڪيل قومي ڪارڪن ۽ استاد جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، عدالت ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايف آءِ آر داخل رپورٽ موجب نصيرآباد ۾ قتل ڪيل قومي ڪارڪنن ۽ استاد هدايت لوهار جو قتل ڪيس داخل نہ ڪرڻ ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪالھ سورهين ڏينھن بہ نوناري محلي کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن، مرد، عورتن ۽ ٻارڙن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري قتل خلاف سخت نعريبازي ڪندا نصيرآباد ٿاڻي جي گيٽ تي ڌرڻو هڻي ويھي رھيا ان موقعي تي سسئي لوهار، شيبا مغل، ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري، سورھيہ سنڌي، اشفاق مسڻ پنھنجي خطاب ۾ چيو تہ هن رياست ۾ عام ماڻھو جي ڪا بہ اهميت ڪونھي هاڻي هي رياست ماءُ نہ پر ڏائڻ بڻجي چڪي آهي جيڪا پنھنجي ٻچن کي کائي رهي آهي هنن چيو تہ عدالت ۾ مقتول جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ ڏنل درخواست تي تمام گھڻا اعتراض اٿاريا ويا پر نيٺ عدالت وارثن جي مرضي مطابق ڪيس داخل ڪرڻ حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ھوڏانھن ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ آيل وارث چار ڪلاڪ ايس ايڇ او جي غير موجودگي سبب انتظار ڪندا رهيا بعد ۾ ايس ايڇ او پھچڻ شرط مقتول جي ايف آءِ آر گناھ نمبر 32/2024 قلم 302 ۽ 34 پي پي سي تحت نصيرآباد جي اڳوڻي ايس ايڇ او هدايت الله بجاراڻي، سرگوڌا واسي غلام محمد ولد محمد رمضان سميت ٻن نامعلوم جوابدارن مٿان داخل ڪئي وئي جنھن بعد احتجاجي مظاهرو ختم ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو