23

پي ٽي آء ڪارڪنن جو پريس ڪلب سکر آڏو مظاهرو

سکر(بيوروچيف ) ملڪ جي ٻين شھرن جيان  پاڪستان تحريڪ انصاف سکر  مرڪزي سڏ تي سکر ۾ به پي ٽي آء ڪارڪنن گوهر خان کوسو۔داواخان۔ميڊم صفيه بلوچ۔عبدالعزيز ابڙو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي سکر پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڇتي نعري بازي ڪئي ريلي ۾ شامل ڪارڪنن جي هٿن ۾ پارٽي جهنڊا ۔بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن مٿان اسانجو مينڊيٽ واپس ڪيو ۔جعلي مينڊيٽ نامنظور جا نعرا لکيل هئا ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پي ٽي آء جي حمايتي آزاد اميدوارن جو مينڊيٽ چوري ڪري پي ٽي آء مخالفن کي هٿ سان کٽرايو ويو آھي جيڪو عمل مذمت جوڳو آھي پاڪستان جو عوام هٿرادو مينڊيٽ سان قائم ڪيل حڪومت کي ڪڏهن به قبول نه ڪندو اڳواڻن لاڳاپيل اختيارن کان مطالبو ڪيو ته پي ٽي آء جي ڦر ڪيل ميڊنڊٽ کي واپس ڪيو وڃي ۽ فارم 45 جي نتيجي تحت فارم 47 ڏنو وڃي ۽ پي ٽي آء چيئر مين ۽ ٻي قيادت خلاف ڪيس ختم ڪري کين آزاد ڪيو وڃي۔

ٽنڊوآدم (ن سوڀ ) ٽنڊوآدم ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن فيض محمد ڏيرو ، ايوب کوسو ، امام الدين جمالي ۽ ٻين احتجاج ڪيو.

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جي قيادت ۾ اليڪشن ۾ ڌانڌلي خلاف احتجاجي مظاھرو، ڌرڻو، پريس ڪانفرنس، سوين ڪارڪنن جي شرڪت. تفصيل موجب پي ٽي آء سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 8 فيبروري تي ملڪ ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌلي ڪئي وئي آھي، موجوده حڪومت جعلي آھي، جيڪا 5 مھينا به نه ھلي سگھندي. ھن چيو ته پي ٽي آء جي قيادت عمران خان ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪيو ويو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڀتا خورن اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو آھي، انھن کي نه ڇڏينداسين، سنڌ ۾ اسان ايم اين ايز جون 22 ۽ فارم 45 مطابق صوبائي اسيمبلي جون 38 سيٽون کٽيون آھن پر نتيجا تبديل ڪيا ويا، اسان جعلي مينڊيٽ وارن کان پنھنجون سيٽون واپس وٺنداسين. ھن چيو ته اسان جي جدوجھد جو مقصد عمران خان کي آزاد ڪرائڻ آھي. عمران خان بھادري سان جيل ڪاٽي رھيو آھي، ھن چيو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪندڙ آر اوز کي بہ ڏسي وٺنداسين. اسان کان بيٽ جو نشان کسيو ويو پر ان جي باوجود مخالف اميدوار پي ٽي آء جي حمايت يافتہ آزاد اميدوارن جي چونڊ نشان جوتن ۽ واڱڻن کان بہ ھارائي ويا. ھن چيو تہ مونکي جيل ۾ رکندڙن کي بہ حساب ڏيڻو پوندو. ان موقعي تي پي ٽي آء حيدرآباد جو چونڊيل ايم پي اي ريحان راجپوت، ڊاڪٽر مستنصر باللہ، فيصل مغل، افروز شورو، نازش فاطمہ ۽ ٻيا اڳواڻ ساڻس گڏ موجود ھئا. ان کان اڳ پريس ڪلب ٻاھران حليم عادل شيخ ۽ ٻين اڳواڻن ڌرڻي کي پڻ خطاب ڪيو.

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) تحريڪ انصاف ميرپورخاص ۽ سنڌڙي پاران ميرپورخاص ۽ سنڌڙي ۾ ڌار ڌار احتجاجي مظاهراڪيا ويا مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن آفتاب قريشي, جميشد سومرو، اسد ھاليپوٽو،  برڪت ڪنڀار ۽ ٻين چيو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي آھي، فارم 45 تي پي ٽي آئي جا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيا پر فارم 47 تحت هاريل اميدوارن کي کٽرايو ويو پر ان باوجود پي ٽي آئي سڀني کان وڏي پارٽي طور سامهون آئي هنن چيو ته رياستي جبر جي باوجود ملڪ جي عوام پي ٽي آئي کي ووٽ ڏيئي ثابت ڪيو ته صرف پي ٽي آئي ملڪ کي موجوده بحرانن مان ڪڍي سگهي ٿي هنن مطالبو ڪيو ته فارم 45 جي انگ اکرن موجب اميدوارن جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ملڪ کي عوام جي حقيقي نمائندن جي حوالي ڪيو وڃي

شاھپورچاڪر (رپورٽر) شاھپورچاڪر ۾ پي ٽي  آئي ۽ جي ڊي اي جي ڪارڪنن شاھد سومرو ، عزيز غوري ، سخاوت ملڪ ، نورگل خان ، نورخان پٺاڻ ، فقير عبدالسميع ڏاھري،فنڪشنل ليگ اڳواڻ امتياز احمد ڏاھري احتجاجي مظاهرو ڪيو..

گهارو (ن سوڀ) عام چونڊن مبينه ڌاندلين خلاف پي ٽي آئي پاران صوبائي صدر حليم عادل شيخ، ڊاڪٽر مسرورسيال، ارسلان بروهي، سيد جميل شاھ ۽ سيد امجد شاھ جي اڳواڻي ۾ ٺٽي ۾ احتجاج ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪيويو.ايڌي سينٽر ٺٽو کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي. ريلي ۾ شريڪ پي ٽي آئي ڪارڪنن ھٿن پلي ڪارڊکڻي عام چونڊن ۾ ٿيل مبينه ڌاندلين خلاف نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي پي ٽي آئي جي صوبائي صدرحليم عادل شيخ ڊاڪٽرمسرور سيال.ضلعي صدر ارسلان خان بروهي احتجاجي ريليءَ کي خطاب ڪندي چيو ته  پي ٽي آئي عام چونڊن ۾ اڪثريت سان ڪامياب ٿيل پارٽي آھي پر اليڪشن ڪميشن پاڪستان پاران ڪيل ڌاندلين ذريعي پي ٽي آئي جي ڪيترن ئي ڪامياب اميدوارن کي فارم 47 ذريعي هارايو ويوآھي.

ٽنڊو باگو (ن سوڀ) ٽنڊو باگو پاڪستان تحريڪ انصاف پاران عوامي ميڊينٽ چوري ڪرڻ واري عمل خلاف نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو 45 فارم مطابق عوامي ميڊينٽ واپس ڪرڻ جو مطالبو 

خبر موجب ٽنڊو باگو پاڪستان تحريڪ انصاف پاران عوامي ميڊينٽ چوري ڪرڻ واي عمل خلاف نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو انهي موقعي تي اڳواڻن غلام شبير ميمڻ علي احمد قمبراڻي گل حس پٺاڻ اڪبر آرائين سليم پٺاڻ گلزار ميمڻ غلام قاسم خاصخيلي جيوت ڪمار لوهاڻه ۽ ٻين چيو ته هن اليڪشن ۾ رڪارڊ ٽوڙ دهاندلي ڪري کٽيل اميدوارن کي هٿرادو هارايو ويو آھي هنن چيو ته عوام جي ووٽ تي داڙو هنيو ويو آھي عمران خان هڪ سچو ليڊر آھي جنهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي جيل موڪليو ويو هنن چيف جسٽس اليڪشن ڪيمشن ۽ ٻين ادارن کان مطالبو ڪيو فارم 45 مطابق شفاف جاچ ڪري عوامي ميڊينٽ واپس ڪيو وڃي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو