21

سنڌ جي ثقافت کي دنيا جي قديم ثقافتن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو: نديم الرحمان ميمڻ

سنڌ جي ثقافت کي دنيا جي قديم ثقافتن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو: نديم الرحمان ميمڻ

بسنت هال حيدرآباد جي انتظاميه پاران سنڌ جي ثقافت جي فروغ لاءِ ڪيل ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن

سيڪريٽري اطلاعات بسنت هال”گرينڊيور آف مڪلي“ جي عنوان سان نمائش جو افتتاح دوران ڳالهيون

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) صوبائي سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جي ثقافت کي دنيا جي قديم ثقافتن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، بسنت هال حيدرآباد جي انتظاميه پاران سنڌ جي ثقافت جي فروغ لاءِ ڪيل ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هو ڪالهه بسنت هال حيدرآباد ۾ ” گرينڊيور آف مڪلي“ جي عنوان سان نمائش جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته مڪليءَ کي سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهم مقام حاصل آهي، مڪليءَ جو قبرستان سنڌ جي تاريخ جو شاهڪار نمونو آهي، اڄ جي نمائش جو مقصد ماڻهن کي مڪلي جي عظمت جي ڄاڻ ڏيڻ ۽ بيان ڪرڻ آهي، هن بهترين نمائش منعقد ڪرڻ تي بسنت هال حيدرآباد جي منتظمين جي ڪارڪردگي کي ساراهيو، ان موقعي تي ڊائريڪٽر بسنت هال ثوبيه ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ ساڻس گڏ هئا ان کان اڳ سيڪريٽري اطلاعات نمائش جو پڻ جائزو ورتو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو