24

پاڪستان کي پيرن تي بيهارينداسين، پيش ايندڙ چيلنجز کي منهن ڏئي سگهون ٿا: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد: (آچر: 03 مارچ 2024ع)   وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان ڪڏهن به بدلي جي سياست جو سوچيو به نه آهي، اسان جو مشن پاڪستان کي پيرن تي بيهارڻ آهي، پيش ايندڙ چيلنجز کي گڏجي منهن ڏئي سگهون ٿا.

وزيراعظم بنجڻ کان پوءِ شهباز شريف قومي اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي قيادت ۽ اسان هميشه صبر جو مظاهرو ڪيو. اسان ڪڏهن به بدلي جي سياسي جو سوچيو به نه آهي. نوازشريف جي حڪومت جو 3 ڀيرا تختو اونڌو ڪيو ويو پر هن پاڪستان جي مفادن خلاف ڳالهيون ڪرڻ جو سوچيو به نه.

شهباز شريف چيو ته  محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به چيو ته پاڪستان کهپي، نوازشريف، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ڪڏهن به پاڪستان جي مفادن خلاف ڳالهيون نه ڪيون. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو نمبر آيو ته سموري اپوزيشن کي جيلن ۾ وڌو ويو. عورتن ۽ ٻارن لاءِ انتهائي ڪريل لفظ استعمال ڪيا ويا. پاڪستان جي فوج خلاف زهر اوڳاڇيو ويو، 9 مئي تي رياستي ادارن تي حملا ڪيا ويا، 9 مئي سانحي ۾ ملوث ڏوهاري هر صورت ۾ قانون کي منهن ڏيندا جيڪي ماڻهو ڏوهاري نه آهن انهن کي نقصان نه پهچندو.

ميان شهباز شريف جي خطاب دوران سني اتحاد ڪائونسل جا ميمبر احتجاج ڪندا رهيا ۽ چور چور جا نعرا لڳائيندا رهيا. شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، خط لکڻ جو مطلب آهي ته اوهان کي پنهنجي آئيني ادارن ۽ پارليامينٽ تي ڀروسو نه آهي، ان کان وڌيڪ ملڪ دشمني ڪهڙي هوندي، اچو ويهي  گڏجي مشاورت ڪريون ۽ بهتر چونڊ نظام قائم ڪريون.

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته قوم کي وڌيڪ ڪنهن چونڊ نتيجن جي ضرورت نه آهي چونڊن ۾ ڪڏهن به سادي اڪثريت ناهي ملي جنهن  لاءِ اسان هم خيال ماڻهو حڪومت ٺاهڻ لاءِ اڳيان وڌياسين. هن وڌيڪ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي ختم ٿيڻ گهرجي. مسنگ پرسن جو  مسئلو حل ڪرڻ کان سواءِ  بلوچستان ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي، گم ٿي ويل ماڻهن جي معاملي تي مقامي قيادت سان ملي فيصلو ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو