19

پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي بنا مقابلي پي سي بي چيئرمين چونڊجي ويو

لاهور: پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي بنا مقابلي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين چونڊجي ويو آهي

ذريعن موجب، محسن نقوي بنا مقابلي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو 37 هون چيئرمين چونڊيو ويو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته وقتي چيئرمين پي سي بي ۽ اليڪشن ڪمشنر شاهه خاور محسن نقوي جي چيئرمين چونڊجڻ جو باظابطا اعلان ڪندو

محسن نقوي کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين لاءِ مضبوط ترين اميدوار تصور ڪيو پئي ويو، هو هن وقت پنجاب جي نگران وڏي وزير جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي

پي سي بي چيئرمين جي مقرري ٽن سالن لاءِ هوندي ۽ ذريعن جو چوڻ آهي ته محسن نقوي اٺ فيبروري ٿيندڙ عام چونڊن کانپوءِ عهدي جي چارج سنڀاليندو

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو