15

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات

ٽنهي اڳواڻن وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏيڻ سان گڏ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو، سنڌ جي اهم معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

 ذريعن موجب آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جي وزيراعظم سان ملاقات دوران حڪومت سازي ۽ سنڌ جي اهم معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

 ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف  ملاقات دوران سنڌ سرڪار سان ڀرپور سهڪار جو عزم ورجايو آهي

ٻئي پاسي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاران شهباز شريف کي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي واڌايون، شهباز شريف گذريل ڏينهن پاڪستان جي 24 هين وزيراعظم طور عهدي جو حلف کنيو هو

وزيراعظم  شهباز شريف کي ايران، چين ۽ ٻين ملڪن جي سربراهن پاران به واڌايون ڏنيون ويون آهن

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو