ڪراچي: (اڱارو: 05 مارچ 2024ع) ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ هڪ فليٽ جي ڇت تان نوجوان جو مٿي تي گولي لڳل لاش مليو آهي، مقتول 5 سال اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو. مقتول جي والد ٻڌايو ته پٽ دڪان تي نه پهتو ته گهر ويس، دروازو نه کلڻ تي در ڀڄي اندر داخل ٿيس ته پٽ جو لاش مليو.
پوليس موجب ڊفينس فيز 8 ۾ قائم ايمار ٽاور جي 20 منزل جي فليٽ مان 35 ورهين جي جهانزيب ملڪ جي لاش ملي آهي جنهن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو. پوليس موجب جهانزيب ملڪ کي مٿي تي پٺيان کان نائن ايم ايم پستول سان گولي هنئي وئي جيڪا ٻئي طرف کان پار ٿي وئي هئي. مقتول ڪجهه سال اڳ شيرين نالي عورت سان پسند جو پرڻو ڪيو هو جنهن مان کيس هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد آهي. مقتول مذڪوره فليٽ هڪ مهينو اڳ گهر واري جي نالي سان خريد ڪيو هو، جڏهن ته سندس گهر واري واقعي کان پوءِ پراسرار طور تي غائب آهي جنهن تي پوليس کي شڪ آهي ته واقعي ۾ مبينه طور اها ملوث ٿي سگهي ٿي.
مقتول جي ڀاءُ پوليس کي بيان ڏنو آهي ته ڀاءُ جا ٻار رات کان ڏاڏي، ڏاڏي جي گهر تي آهن. مقتول جهانزيب جي ڊفينس کڊا مارڪيٽ ۾ اليڪٽرونڪس جي دڪان آهي.
35 ورهين جي جهانزيب جي والد غلام رسول پوليس کي ٻڌايو ته مان آچر جي رات هڪ وڳي تائين پنهنجي پٽ جي گهر تي موجود هئس واپس ويندي ان جي ٻارن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويس جڏهن ته ننهن شيرين ڪلفٽن ۾ قائم نجي اسپتال ۾ داخل هئي پر اها به گهر اچي وئي هئي
هن چيو ته آچر جي رات مون کي منهنجي پٽ چيو هو ته سومر جي صبح دڪان تي جلد اچجو ڪجهه ڪاروباري معاملن جي حوالي سان ڳالهائڻو آهي جنهن تي مان صبجح جودڪان تي پهتس ته پٽ موجود نه هو جنهن کان پوءِ مان ڪيترائي ڀيرا ان کي موبائل تي فون ڪندو رهيس پر ڪوبه جواب نه مليو جنهن تي مان پٽ جي گهر پهتس ته دروازو ڪنهن نه کوليو دروازو ڀڃي اندر ويس ته پٽ جي لاش ملي جڏهن ته گهر ۾ منهنجي ننههن موجود نه هئي.
مقتول نوجوان جي پيءُ ٻڌايو ته منهنجي پٽ وٽ 2 گاڏيون آهن جيڪي هيٺ بيسمينٽ پارڪنگ ۾ بيٺل هونديون آهن پر انهن مان هڪ گاڏي موجود نه هئي مون سي سي ٽي وي فوٽيج ڪڍرائي ته ان ۾ صبح جو منهنجي ننهن اها گاڏي کڻي ويندي نظر اچي رهي هئي. ننهن رشتي ۾ منهنجي ڀائٽي به آهي خبر نه آهي ته پٽ کي ڪنهن قتل ڪيو آهي.